محسن ڪڪڙائيءَ جي شاعريءَ جي لغت

ڪتاب جو نالو محسن ڪڪڙائيءَ جي شاعريءَ جي لغت
ليکڪ مير محمد پيرزادو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (257) PDF  E-Pub
انگ اکر

2 December 2021    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     2491   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران لغتن ۽ ٻين مختلف ڪتابن کي ويب سائيٽ تي آن لائين ڪرڻ واري رٿا جو هي ڇهون ڪتاب ’محسن ڪڪڙائيءَ جي شاعريءَ جي لغت‘ تيار ڪري، آن لائين ڪيو پيو وڃي. محسن ڪڪڙائي، سنڌي ٻوليءَ جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جي سڃاڻپ سنڌيءَ ۾ رومانوي غزل لکندڙ طور به آهي. محسن ڪڪڙائي ضلعي دادوءَ جي پسمنظر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اتر جي لهجي جو عڪس پنهنجي شاعريءَ ۾ سمايو آهي، ان ڪري سندس غزلن ۾ به ٻوليءَ جو لهجو نج ڳوٺاڻو ۽ ٻهراڙيءَ جو آهي. ائين تشبيهون ۽ استعارا به ڳوٺاڻا ڏيئي پنهنجي شاعريءَ کي وڌيڪ سُونهن بخشي اٿس. مطلب ته هن پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجي علائقي جي لهجي جي نمائندگي ڪئي آهي. محسن ڪڪڙائيءَ جو اصل نالو نياز حسين شاهه هو، جيڪو ضلعي دادوءَ جي علائقي ڪڪڙ جو رهواسي هو، ان نسبت سان ئي هو پنهنجي نالي سان ڪڪڙائي لکڻ لڳو، تنهن ڪري کيس ’محسن ڪڪڙائي‘ جي نالي سان شهرت ملي. هو وفا ناٿن شاهي ۽ نشتر ناٿن شاهي سميت ڪيترن ئي مقبول ترين شاعرن جو شاعريءَ ۾ استاد رهيو، انهيءَ ڪري کيس استاد شاعر واري حيثيت هئي. اداري پاران ڪتابن کي آن لائين ڪرڻ سان دنيا جي مختلف حصن ۾ رهندڙ انهن ماڻهن لاءِ سهولت پئدا ڪئي وئي آهي، جيڪي سنڌي ٻولي پڙهي سگھن ٿا. هن کان اڳ آن لائين ڪتابن جي رٿا جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي جو ڪتاب ’اسان جي صحت اسان جو ماحول‘، اياز پاٽوليءَ جو ٻارن لاءِ آکاڻين جو ڪتاب ’ڪراڙ جا ڪنول‘، ’آثم ناٿن شاهيءَ جي شاعريءَ جي لغت‘، ’شمشيرالحيدريءَ جي شاعريءَجي لغت‘ ۽ ’عبدالحڪيم ارشد جي شاعريءَ جي لغت‘ به اداري جي ويب سائيٽ تي رکيا ويا آهن. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ويب سائيٽ تي رکيل انهن سڀني ڪتابن کي گھڻو پسند ڪيو ويو آهي. هيءَ لغت اصل ۾ ’جديد شاعرن جي شاعريءَ جي لغتن‘ واري رٿا جو حصو آهي. جديد شاعرن جي شاعريءَ جي لغتن جا ٻيا ڪجھه جُلد به آن لائين رٿا هيٺ ويب سائيٽ تي تڪڙو ئي رکيا ويندا. هن رٿا مطابق مختلف لغتون ۽ ٻيا ڪتاب به اداري جي ويب سائيٽ تي آن لائين ڪيا ويندا، جيڪي پڙهندڙن لاءِ مفت ۾ دستياب هوندا. اهي ڪتاب بنا ڪنهن معاوضي ۽ اجازت جي ڊائون لوڊ ڪري ۽ استعمال ۾ آڻي سگھبا. هن ڳالهه جي به پڌرائي ڪجي ٿي ته انهن آن لائين ڇاپن مان پنهنجي تحقيق ۽ تحرير لاءِ جيڪڏهن ڪي حوالا کڻبا ته انهن حوالن ۾ مرتب ۽ هن اداري جو ذڪر ڪرڻ ضروري هوندو. اسان کي اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا گھڻگھرا هن رٿا مان ڀرپور لاڀ پرائيندا ۽ جيڪي سڄڻ آن لائين ڪتابن جي سلسلي ۾ ڪي پنهنجون صلاحون ڏيڻ چاهين ته انھن کي ڀليڪار ڪيو ويندو.