عبدالحڪيم ارشد جي شاعريءَجي لغت

ڪتاب جو نالو عبدالحڪيم ارشد جي شاعريءَجي لغت
ليکڪ مير محمد پيرزادو
ڇپائيندڙ
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (214) PDF  E-Pub
انگ اکر

22 November 2021    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     2098   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    ناشر طرفان

    سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ڪتابن کي ويب سائيٽ تي آن لائين ڪرڻ واري رٿا جو هي پنجون ڪتاب ’عبدالحڪيم ارشد جي شاعريءَ جي لغت‘ تيار ڪري، آن لائين ڪيو پيو وڃي. عبدالحڪيم ارشد، پنهنجي دور جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ وچولي ۽ ساهتي پرڳڻي جو لهجو نمايان آهي. عبدالحڪيم ارشد جي شاعريءَ ۾ رومانويت سان گڏ روشن خيالي ۽ ترقي پسندي گڏ گڏ نظر اچي ٿي. مثال طور سندس رومانوي گيت ’چوري چوري ڪوئي ڪنهن سان نيڻ ملائي ويٺو آ‘ ۽ ’چرٻٽ‘ سندس مشهور رومانوي ۽ مزاحمتي شعرن ۾ شمار ٿين ٿا. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ جن نون، ڏکين ۽ اڻ ڇهيل اصطلاحن جو استعمال ڪيو آهي، سائين مير محمد پيرزادي انهن جي لغت تيار ڪري اداري جي حوالي ڪئي هئي، جيڪا اوهان آڏو پيش ڪندي آءٌ خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان.

    ڪتابن کي آن لائين ڪرڻ سان دنيا جي مختلف حصن ۾ رهندڙ انهن ماڻهن لاءِ سهولت پئدا ڪئي وئي آهي، جيڪي سنڌي ٻولي پڙهي سگھن ٿا. هن کان اڳ آن لائين ڪتابن جي رٿا جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي جو ڪتاب ’اسان جي صحت اسان جو ماحول‘، اياز پاٽوليءَ جو ٻارن لاءِ آکاڻين جو ڪتاب ’ڪراڙ جا ڪنول‘، ’آثم ناٿن شاهيءَ جي شاعريءَ جي لغت‘ ۽ ’شمشيرالحيدريءَ جي شاعريءَجي لغت‘ به اداري جي ويب سائيٽ تي رکيا ويا آهن، جن کي گھڻو پسند ڪيو ويو آهي.

    هيءَ لغت  اصل ۾ ’جديد شاعرن جي شاعريءَ جي لغتن‘ واري رٿا جو حصو آهي. جديد شاعرن جي شاعريءَ جي لغتن جا ڇهه کن ٻيا جُلد به آن لائين رٿا هيٺ ويب سائيٽ تي تڪڙو ئي رکيا ويندا. هن رٿا مطابق مختلف لغتون ۽ ٻيا ڪتاب به اداري جي ويب سائيٽ تي آن لائين ڪيا ويندا، جيڪي پڙهندڙن لاءِ مفت ۾ دستياب هوندا. اهي ڪتاب بنا ڪنهن معاوضي ۽ اجازت جي ڊائون لوڊ ڪري ۽ استعمال ۾ آڻي سگھبا. هن ڳالهه جي به پڌرائي ڪجي ٿي ته  انهن آن لائين ڇاپن مان پنهنجي تحقيق ۽ تحرير لاءِ جيڪڏهن ڪي حوالا کڻبا ته انهن حوالن ۾ مرتب ۽ هن اداري جو ذڪر ڪرڻ ضروري هوندو.

    اسان کي اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا گھڻگھرا هن رٿا مان ڀرپور لاڀ پرائيندا ۽ جيڪي سڄڻ آن لائين ڪتابن جي سلسلي ۾ ڪي پنهنجون صلاحون ڏيڻ چاهين ته انھن کي ڀليڪار ڪيو ويندو.

     

    ڊاڪٽر محمد علي مانجھي 
    چيئرمئن

    20 نومبر، 2021ع
    حيدرآباد، سنڌ