نياز همايونيءَ جي شاعريءَ جي لغت

ڪتاب جو نالو نياز همايونيءَ جي شاعريءَ جي لغت
ليکڪ مير محمد پيرزادو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-089-0
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (219) PDF  E-Pub
انگ اکر

16 November 2021    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     1123   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران سنڌي ٻوليءَ جي مختلف علمن، اساسي ادب ۽ شاعريءَ کان پوءِ عام استعمال جون لغتون تيار ڪري پڌريون ڪرڻ لاءِ ”سنڌي ڊڪشنري بورڊ“ جي سري هيٺ هڪ الڳ شعبو قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ’مفصل سنڌي لغت‘ کان پوءِ ٻين مختلف لغتن تي ڪم جاري آهي. هڪ ذيلي رٿا هيٺ جديد شاعرن جي ڪلام جون لغتون تيار ڪرائڻ به سنڌي ڊڪشنري بورڊ جي رٿائن ۾ شامل آهي. ”نياز همايوني جي شاعريءَ جي لغت“هن سلسلي جي لغتن جو پهريون جلد آهي، جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي. توڙي جو جديد شاعرن جي شاعري ڪا ايتري اساسي نه آهي، جو سمجهه ۾ نه اچي، پر هر شاعر پنهنجي خوبصورت شاعري کي، سنڌي ٻوليءَ جي انوکن لفظن ۽ اصطلاحن سان سينگاريو آهي. جنهن کان اڳ جديد شاعرن مان استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جي لغت ’اکر اکر آرسيءَ‘ جي نالي سان ڇپرائي وئي آهي. جديد شاعرن جو لغوي خزانو نه صرف لغت نويسيءَ جي حوالي سان اهم آهي، پر ان سان گڏوگڏ انهن لفظن ۽ اصطلاحن جو شاعريءَ ۾ استعمال به اهم حيثيت رکي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو پنهنجي سر هنن اهم رٿائن جي تڪميل لاءِ پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي، اسان هميشه پڙهندڙن جي همٿ افزائي جا مشڪور رهيا آهيون، اميد ته هي لغت پسند ايندي، ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب جا شاگرد ۽ عام ادبي ذوق رکندڙ هن مان ڀرپور فائدو وٺندا.