شمشير الحيدريءَ جي شاعريءَ جي لغت

ڪتاب جو نالو شمشير الحيدريءَ جي شاعريءَ جي لغت
ليکڪ مير محمد پيرزادو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (219) PDF  E-Pub
انگ اکر

15 November 2021    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     971   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ڪتابن کي ويب سائيٽ تي آن لائين ڪرڻ واري رٿا جو هي چوٿون ڪتاب ’شمشير الحيدريءَ جي شاعريءَ جي لغت‘ تيار ڪري، آن لائين ڪيو پيو وڃي. شمشيرالحيدري پنھنجي لھجي جو منفرد شاعر آهي ۽ هُن پنھنجي شاعريءَ ۾ گهڻو ڪري نج سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ڪيو آهي. شمشير، جيڪا به صنف، جنھن به پسمنظر ۾ لکي آهي ته ان کي لھجو به ان ئي ماحول ۽ پسمنظر جو ڏنو آهي. جيئن سندس گيت: ’جبل مٿي جهڙ‘ پڙهي ڏسجي ته ان ۾ به اها ڳالھه نمايان ملندي. ڪتابن کي آن لائين ڪرڻ سان دنيا جي مختلف حصن ۾ رهندڙ انھن ماڻھن لاءِ سھولت پئدا ڪئي وئي آهي، جيڪي سنڌي ٻولي پڙهي سگهن ٿا. هن کان اڳ آن لائين ڪتابن جي رٿا جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي جو ڪتاب ’اسان جي صحت اسان جو ماحول‘، اياز پاٽوليءَ جو ٻارن لاءِ آکاڻين جو ڪتاب ’ڪراڙ جا ڪنول‘ ۽ ’آثم ناٿن شاهيءَ جي شاعريءَ جي لغت‘ به اداري جي ويب سائيٽ تي رکيا ويا آهن، جن کي گهڻو پسند ڪيو ويو آهي. هيءَ لغت اصل ۾ ’جديد شاعرن جي شاعريءَ جي لغتن‘ واري رٿا جو حصو آهي. هن رٿا هيٺ سڀ کان اڳ ’نياز همايونيءَ جي شاعريءَ جي لغت‘ ڇپائي پڌرو ڪئي وئي ۽ ان جي سافٽ ڪاپي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي ويب سائيٽ تي پڻ مھيا ڪئي وئي. اهڙيءَ ريت سنڌ جي مشھور شاعر ’آثم ناٿن شاهيءَ جي لغت‘ پڻ اداري جي ويب پورٽل تي آن لائين ڪئي وئي آهي. جديد شاعرن جي شاعريءَ جي لغتن جا ست کن ٻيا جُلد به آن لائين رٿا هيٺ ويب سائيٽ تي تڪڙو ئي رکيا ويندا. هن رٿا مطابق مختلف لغتون ۽ ٻيا ڪتاب به اداري جي ويب سائيٽ تي آن لائين ڪيا ويندا، جيڪي پڙهندڙن لاءِ مفت ۾ دستياب هوندا. اهي ڪتاب بنا ڪنھن معاوضي ۽ اجازت جي ڊائون لوڊ ڪري ۽ استعمال ۾ آڻي سگهبا. هن ڳالھه جي به پڌرائي ڪجي ٿي ته انھن آن لائين ڇاپن مان پنھنجي تحقيق ۽ تحرير لاءِ جيڪڏهن ڪي حوالا کڻبا ته انھن حوالن ۾ مرتب ۽ هن اداري جو ذڪر ڪرڻ ضروري هوندو. هيءَ لغت سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعر ۽ محقق مير محمد پيرزادي پاران تيار ڪيل آهي، جنھن شمشيرالحيدري جي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيل ڏکيا لفظ ۽ اصطلاح چونڊي هيءَ لغت تيار ڪري ڏني. شاعر انھن لفظن ۽ اصطلاحن جو جھڙي نموني استعمال ڪيو آهي، اهي شعر به هن لغت جو حصو آهن. اسان کي اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا گهڻگهرا هن رٿا مان ڀرپور لاڀ پرائيندا ۽ جيڪي سڄڻ آن لائين ڪتابن جي سلسلي ۾ ڪي پنھنجون صلاحون ڏيڻ چاهين ته انھن کي ڀليڪار ڪيو ويندو. 15 نومبر، 2021ع حيدرآباد، سنڌ ڊاڪٽر محمد علي مانجھي چيئرمئن