شاھ جو رسالو

ڪتاب جو نالو شاھ جو رسالو
ليکڪ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (545) PDF  E-Pub
انگ اکر

24 September 2021    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     3180   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    ٻہ اکر

    شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جو علم و ادب جي دنيا ۾ اعليٰ مرتبو آھي ۽ سندس شھپارن کي ڇپائي پڌرو ڪرڻ نہ فقط علمي، ادبي بلڪہ قومي فرض آھي. ان فرض جي ادائگي سنڌ جي وزير اعليٰ سيد عبداللھ شاھ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي حوالي ڪئي آھي، جيڪا اسان پنھنجي لاءِ نہ فقط ھڪ سعادت بلڪہ ھڪ اعزاز سمجهون ٿا.

    سيد عبداللھ شاھ سنڌ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪيترائي ساراھ جوڳا قدم کنيا آھن. سياسي سماجي ڪمن سان گڏوگڏ شاھ صاحب جي علم دوستي ۽ سنڌي زبان سان محبت جو ھيءُ سھڻو مثال آھي، جو پاڻ ٽنڊي ٺوڙھي وڃي شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي لکيل ڪتابن جو معائنو ڪيائون. سنڌ جو ھيءُ پھريون وزير اعليٰ آھي، جنھن مرزا صاحب جا لکيل ڪتاب وڃي ڏٺا ۽ انھن مڙني ڪتابن کي ڇپرائڻ جو واعدو ڪيو.

    مرزا صاحب ڏينھن رات محنت ڪري چار سؤ کن ڪتاب لکيا ۽ 3 جولاءِ 1929ع تي ھيءُ فاني جھان ڇڏي وڃي پنھنجي حقيقي مالڪ سان مليا. افسوس جو اڌ صدي کان بہ وڌيڪ عرصو اسان ھھڙن ماڻڪ موتين جي صحيح نموني سار نہ لڌي، اھو نيڪ علمي ۽ ادبي ڪم سائين عبداللھ شاھ صاحب جي ھٿان ٿيو. شاھ صاحب پنھنجي واعدي کي پاڻي ڏيڻ لاءِ مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ڇپرائڻ جو ڪم سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري کي سونپيو آھي. مرزا صاحب جي لائق ۽ فائق پوٽن محترم مرزا محمد حبيب بيگ ۽ محترم مرزا اعجاز علي بيگ جا وڏا ٿورا جو انھن صاحبن مرزا صاحب جي ڪتابن جي فھرست تيار ڪرڻ ۾ ھر طرح سان سھڪار ڪيو.

    ڪتابن جي فھرست تيار ڪرڻ کان پوءِ اھو فيصلو ڪيو ويو تہ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي ٻہ سؤ پنجاھين ورسي ۽ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي پنجھٺين ورسي جي موقعي تي مرزا صاحب جا ڪُجهہ ڪتاب ضرور شايع ڪرڻ گهرجن. جيئن تہ وقت تمام ٿورو ھو، تنھن ڪري ڪمپيوٽر تي ڪتاب ڪمپوز ڪرائڻ ناممڪن ھو، اھو ئي سبب آھي جو اسان في الحال انھن ڪتابن جا عڪس وٺي ڇپرائي رھيا آھيون. ائين ڪرڻ سان ھڪ تہ ڪتاب جلدي ڇپرائڻ ۾ سؤلائي ٿي ۽ ٻيو تہ ڪتاب قيمت جي لحاظ سان سستا پيا، تنھن ڪري ھر ڪو اُھي معياري ڪتاب خريد ڪري سگهي ٿو.

    اميد تہ اسان جي ھن نماڻي ڪوشش کي قدر جي نگاھ سان ڏٺو ويندو.

    7 جولاءِ 1994ع، حيدرآباد

    اللھ بخش شاھ بخاري

    سيڪريٽري
    سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو