ڪراڙ جا ڪنول

ڪتاب جو نالو ڪراڙ جا ڪنول
ليکڪ اياز پاٽولي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-166-8
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (256) PDF  E-Pub
انگ اکر

23 September 2021    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     3885   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي آن لائين ڪتابي سلسلي جو هيءُ ٽيون ڪتاب پيش ڪندي، آئون نھايت خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. هيءُ ڪتاب ٻارن لاءِ اصلاحي ۽ نصيحت آميز آکاڻين تي ٻڌل آهي، جيڪو ٻارن جي نامور اديب اياز پاٽوليءَ جو لکيل آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارن جي ادب جي اشاعت ۽ واڌ ويجهه جي ڏس ۾ اياز پاٽوليءَ جو وڏو ڪم ۽ ڪردار آهي. هن ٽنڊي محمد خان ۾ ’اداره گلشن ادب‘ جي پليٽ فارم تان سنڌي ٻارن لاءِ سوين ڪتاب شايع ڪرايا، اهڙي ريت اياز پاٽولي ’بز م گلشنِ سنڌ‘ نالي ٻارن جي علمي ۽ ادبي تنظيم قائم ڪري، سنڌ ۾ ٻارن لاءِ وڏو ادبي ماحول پيدا ڪيو. هن ڪتاب ’ڪراڙ جا ڪنول‘ ۾ ٻارن لاءِ ڪي ڪھاڻيون، اياز پاٽوليءَ جون پنھنجون لکيل آهن، ته ڪي وري لوڪ ادب مان ورتيون ويون آهن. اسان سمجهون ٿا ته ڪنهن به ٻوليءَ جو ’ٻاراڻو ادب‘ ئي اُن ٻوليءَ جي واڌاري ۽ ترقيءَ جو اهم سبب هوندو آهي، جو ان ذريعي ئي ٻوليءَ جي نسل در نسل واڌو ويجهه ٿيندي آهي. اميد آهي ته هيءُ ڪتاب سنڌ جي ٻارن لاءِ هڪ سُٺو ادبي تحفو ثابت ٿيندو. ڪتاب کي ٻارن لاءِ دلچسپ بنائڻ لاءِ ڪهاڻين جي نسبت سان تصويرون پڻ شامل ڪيون ويون آهن ته جيئن سنڌي پڙهندڙ ٻار هن ڪتاب جي آکاڻين مان وڌ ۾ وڌ لطف اندوز ٿي سگهن.