لغات لطيفي

ڪتاب جو نالو لغات لطيفي
ليکڪ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
قيمت 40    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (380) PDF  E-Pub
انگ اکر

21 September 2021    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     6476   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    ڪتاب علم جي کاڻ هوندا آهن جن ۾ ڪيترائي ماڻڪ موتي لعل لڪل هوندا آهن. علم ادب ۽ انساني تهذيب جي ترقي انهن کان سواءِ ٿي نہ ٿي سگهي. ڪنهن بہ زبان ۽ معاشري جي ترقيءَ جو اندازو ان جي ڪتابن مان ئي لڳائي سگهجي ٿو. مطلب تہ علمي, ادبي خواه. سماجي ترقيءَ جي سلسلي ۾ ڪتاب نهايت ئي اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب ۽ سماج کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ڍڳ ڪتابن جا لکي تيار ڪيا. سندن اهو احسان سنڌواسي ڪڏهن بہ وساري نہ سگهندا. مرزا صاحب هونئن تہ هرموضوع تي ڪتاب لکيا. پر حضرت شاهھ. عبداللطيف ڀٽائي جي سوانح، ڪلام ۽ لغات تي جيڪو ڪم ڪيو, سو مثالي آهي. نہ فقط شاھہ صاحب جي سوانح لکيائون, پر شاهہ سائين جو رسالو, ان جي ڪُنجي ۽ ان جي لغات پڻ تيار ڪيائون. شاهہ صاحب جي رسالي جا ڪيترائي ڇاپا مختلف وقتن تي شايع ٿيندا رهيا آهن. شروعات جرمن اسڪالر ڊاڪٽر ارنسٽ ٽٌرمپ ڪئي. هن جرمنيءَ مان شاھہ جو رسالو ڇپرايو. اُن کان پوءِ بمبئي مان رسالو شايع ٿيندو رهيو. بعد ۾ سنڌ مان مختلف محققن رسالا تيار ڪري ڇپرايا.