ٻارن جون عام بيماريون هوميوپيٿي ۽ بايوڪيمڪ علاج (جلد پھريون)

ڪتاب جو نالو ٻارن جون عام بيماريون هوميوپيٿي ۽ بايوڪيمڪ علاج (جلد پھريون)
ليکڪ ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-83-3
قيمت 600    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (218) PDF  E-Pub
انگ اکر

15 September 2021    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     3156   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران محترم ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ جو لکيل ڪتاب ”ٻارن جون عام بيماريون ۽ انهن جو هوميوپيٿيءَ ۽ بايوڪيمڪ وسيلي علاج“ سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي ادب کي فروغ ڏيڻ واري مقصد تحت شايع ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي افاديت اها آهي ته سنڌ ۾ اهو مضمون پڙهندڙ شاگرد ۽ استاد هن مضمون کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ پڙهي بهتر نموني سمجهي يا سمجهائي سگهندا. ان کانپوءِ به پرئڪٽس ڪرڻ دوران ان کي حوالي طور يا ريفرنس طور پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو. اسان جي سماج ۾ ايلوپيٿيءَ، يوناني طب ۽ هوميوپيٿيءَ بابت عجيب عجيب ڏند ڪٿائون مشهور آهن. هڪڙا چوندا ايلوپيٿيءَ جون دوائون ”گرم“ آهن، انهن سان فائدي سان گڏ گهڻا نقصان سلهاڙيل آهن، وري ٻين جو خيال آهي ته يوناني طبيب يا حڪيم پنهنجي دوائن ۾ ڪارٽيزون ۽ ٻيا هاڃيڪار عنصر ٿا ملائين، جڏهن ته اهي ٻئي وري هوميوپيٿيءَ لاءِ عجيب عجيب مفروضا ٻڌائيندا وتندا آهن، پر جڏهن انهن ٽنهي قسمن جي علاج بابت نيٽ تي پڙهجي ٿو ته اهي انساني صحت ۽ علاج جي مختلف طريقن طور هزارين سالن کان مروج آهن. بلڪه انهن کانسواءِ چيني طب (اڪيوپنچر ڪيرويريڪٽروغيره) کي به هاڻي جديد سائنس قبول ڪيو آهي. انهن سمورن علاج جي طريقن بابت باقاعدي ڪاليج ۽ يونيورسٽيون قائم آهن، جن مان فارغ التحصيل ٿي ڪيترائي بيمارن جي مسيحائي ڪري رهيا آهن. هوميوپيٿيءَ جي تعليم ۽ علاج لاءِ جرمنيءَ جو ملڪ گهڻو مشهور آهي. اسان جو ڀاءُ ڊاڪٽر چارڻ پڻ جرمنيءَ مان تربيت ورتل ۽ سند يافته آهي ۽ منهنجي ذاتي تجربي موجب سندس هٿ ۾ الله سائينءَ شفا به ڏني آهي. هو هڪ سٺو ليکڪ به آهي. هن ڪتاب کانسواءِ هو ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکي رهيو آهي، جن ۾ سنڌيءَ ۾ ميڊيڪل جي ڊڪشنري به آهي، جنهن تي گهڻو ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪو پڻ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان شايع ڪيو ويندو. سنڌي ٻوليءَ ۾ مختلف مضمونن جا وڌ ۾ وڌ ڪتاب اچڻ سان اها نه صرف شاهوڪار ٿيندي بلڪه انهن مضمونن جي تعليم ۾ به مدد ملندي، ان مقصد سان اميد ته هيءَ ڪتاب، جيڪو ٻن جلدن ۾ آهي، ضرور لاڀائتو ٿيندو.