ماکيءَ جي مَک

ڪتاب جو نالو ماکيءَ جي مَک
ليکڪ گل محمد شيخ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
قيمت 26    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (205) PDF  E-Pub
انگ اکر

14 September 2021    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     1835   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    سنڌي ٻوليءَ ۾سائنسي موضوعن تي, عام پڙهندڙن توڙي شاگردن لاءِ مواد جي تياري ۽ اشاعت لاءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۾ ٻين ادارن پاران ڪوششون ٿينديون رهيون آهن. سائنس جي شاگردن ۽ عام پڙهندڙن لاءِ اهڙي قسم جي اشاعتي سلسلن جي اهميت کي نظر ۾ رکندي هي ڪتاب ’ماکيءَ جي مک‘ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پهريون ڀيرو 1992ع ۾ڇپائي پڌرو ڪيو, جيڪو اصل ۾ هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو هو. پهريون ڇاڀو 1985ع ۾ ڇپيل آهي. ٻئي ڇاپي جي اشاعت کي ٻارهن سال گذرڻ کاڻ پوءِ هن ڪتاب جي اهميت کي آڏو رکندي هي ٽيون ڇاپو منظرعام تي آڻيندي, اسان نھايت خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون. علم ۽ ڄاڻ جي هر دور ۾ اهميت رهي آهي. اڄ جڏهن معلومات جي ذريعي, دنيا جا مڙئي سماج هڪ ٻئي جي ويجھو اچي, حاصل ڪيل معلومات مان فائدو حاصل ڪري ترقي ڪري رهيا آهن, تڏهن علم جي اهميت نھايت وڌي وئي آهي. اسان مختلف علمن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪري ٻوليءَ سان گڏ نئين معلوماتي سماج اڏڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن ڪتاب جي ٽيون ڀيرو ڇپائي بہ ان ئي سلسلي جي ڪوشش آهي. ”ماکيءَ جي مک“ جو انسان جي حياتيءَ سان وڏو لا ڳاپو آهي. هن ڪتاب جي مطالعي سان انسان جي حياتيءَ ۾ ماکيءَ جي مک اهميت کي چڱي طرح محسوس ڪري سگھجي ٿو. هي ڪتاب محترم گل محمد شيخ جو لکيل آهي, جنهن نھايت عام فهم ۽ سادي ٻوليءَ ۾ ماکيءَ جي مک جي حياتي, ان جي بدني بناوت, انساني زندگيءَ ۾ ان جي اهميت, رھڻي ڪھڻي ۽ نسلي واڌاري بابت نهايت ڪارائتي ڄاڻ مھيا ڪئي آهي. هي ڪتاب حياتيات جي شاگردن لاءِ تہ بلاشڪ هڪ رهنما ڪتابڙي جي حيثيت رکي ٿو, پر ڪتاب ۾ استعمال ڪيل خوبصورت اسلوب نگاريءَ ۾ اهڙي تہ ڪشش آهي. عام پڙهندڙ بہ هن ڪتاب کي پڙهندي ڪنهن آکاڻي يا ناول جيترو لطف وٺي سگھي ٿو.