مخدوم ضياء الدين جي سنڌي

ڪتاب جو نالو مخدوم ضياء الدين جي سنڌي
ليکڪ مخدوم ضياء الدين ٺٽوي
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
قيمت 30    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (257) PDF  E-Pub
انگ اکر

9 September 2021    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     2125   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    ۱۱ صدي هجري (۱7۔ صدي عيسوي) ۾ سنڌ جي سڄاڻ عالمن ۽ استادن فارسي بدران مادري زبان سنڌي ذريعي مڪتبي تعليم ڏيڻ جو نظريو قائم ڪيو. پهرئين دور ۾ ننڍڙا ڪتابڙا سنڌيءَ ۾ منظوم ڪيا ويا ۽ ٻئي دور ۾ وڌيڪ وڏا درسي ڪتاب لکيا ويا جن جي شروعات ٺٽي جي عالم ۾ استاد ابوالحسن جي لکيل ڪتاب سان ٿي. جيئن تہ اهو ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيو ويو., انهيءَ ڪري ان کي سولائيءَ خاطر”ابوالحسن جي سنڌي” ( ابوالحسن جو سنڌي ۾ لکيل ڪتاب) سڏيو ويو: مخدوم ضياءالدين ٺٽي شھر جو نامور عالم هو جنهن مخدوم ابوالحسن کان پوءِ هيءُ ڪتاب سنڌي ۾ لکيو ۽ اهو بہ ساڳيءَ طرح ”مخدوم ضياءالدين ‏ جي سنڌي“ سڏيو ويو. مجموعي طور سان هن ڪتاب جو موضوع ساڳيو ابوالحسن' جي لکيل ڪتاب وارو آهي؛ پر نماز لاءِ صفائي پاڪائي سان گڏ ٻيا مسئلا بہ آندا ۽ نئين سر بيان ڪيا؛ پڻ جمعي نماز يا اڳين نماز جي وقت معلوم ڪرڻ لاءِ ٻارهن مھينن مان هر مهيني جو حساب هيٺين طور سمجهايو ويو.