آثم ناٿن شاهيءَ جي شاعريءَ جي لغت

ڪتاب جو نالو آثم ناٿن شاهيءَ جي شاعريءَ جي لغت
ليکڪ مير محمد پيرزادو
سنڌيڪار / ترتيب مير محمد پيرزادو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (237) PDF  E-Pub
انگ اکر

3 September 2021    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     2856   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    ناشر طرفان سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ڪتابن کي ويب سائيٽ تي آن لائين ڪرڻ واري رٿا شروع ڪئي وئي آهي، جنهن سلسلي جو هي ٻيو ڪتاب ’آثم ناٿن شاهيءَ جي شاعريءَ جي لغت‘ تيار ڪري، آن لائين ڪيو پيو وڃي. ڪتابن کي آن لائين ڪرڻ سان دنيا جي مختلف حصن ۾ رهندڙ انھن ماڻهن لاءِ سهولت پئدا ڪئي وئي آهي، جيڪي سنڌي ٻولي پڙهي سگهن ٿا. هن کان اڳ آن لائين ڪتابن جي رٿا جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي جو ڪتاب ’اسان جي صحت اسان جو ماحول‘ به اداري جي ويب سائيٽ تي رکيو ويو، جنهن کي گهڻو پسند ڪيو ويو آهي. هيءَ لغت اصل ۾ ’جديد شاعرن جي شاعريءَ جي لغتن‘ واري رٿا جو حصو آهي. هن رٿا هيٺ سڀ کان اڳ ’نياز همايونيءَ جي شاعريءَ جي لغت‘ ڇپائي پڌرو ڪئي وئي ۽ ان جي سافٽ ڪاپي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي ويب سائيٽ تي پڻ مھيا ڪئي وئي. جديد شاعرن جي شاعري جي لغتن جا اٺ کن ٻيا جُلد به آن لائين رٿا هيٺ ويب سائيٽ تي تڪڙو ئي رکيا ويندا. هن رٿا مطابق مختلف لغتون ۽ ٻيا ڪتاب اداري جي ويب سائيٽ تي آن لائين ڪيا ويندا، جيڪي پڙهندڙن لاءِ مفت ۾ دستياب هوندا. اهي ڪتاب بنا ڪنھن معاوضي ۽ اجازت جي ڊائون لوڊ ڪري ۽ استعمال ۾ آڻي سگهبا. هن ڳالهه جي به پڌرائي ڪجي ٿي ته انھن آن لائين ڇاپن مان پنھنجي تحقيق ۽ تحرير لاءِ جيڪڏهن ڪي حوالا کڻبا ته انھن حوالن ۾ مرتب ۽ هن اداري جو ذڪر ڪرڻ ضروري هوندو. هيءَ ’آثم ناٿن شاهيءَ جي شاعريءَ جي لغت‘ سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعر ۽ محقق مير محمد پيرزادي پاران تيار ڪيل آهي، جنھن آثم ناٿن شاهيءَ جي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيل ڏکيا لفظ ۽ اصطلاح چونڊي هيءَ لغت تيار ڪري ڏني. شاعر انھن لفظن ۽ اصطلاحن جو جهڙي نموني استعمال ڪيو آهي، اهي شعر به هن لغت جو حصو آهن. اسان کي اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا گهڻگهرا هن رٿا مان ڀرپور لاڀ پرائيندا ۽ جيڪي سڄڻ آن لائين ڪتابن جي سلسلي ۾ ڪي پنھنجون صلاحون ڏيڻ چاهين ته انھن کي ڀليڪار ڪيو ويندو. ڊاڪٽر محمد علي مانجھي چيئرمئن 2 سيپٽمبر، 2021ع حيدرآباد، سنڌ