اسان جو ماحول – اسان جي صحت(ماحولياتي صحت جو رهبر)

ڪتاب جو نالو اسان جو ماحول – اسان جي صحت(ماحولياتي صحت جو رهبر)
ليکڪ جيف ڪوننٽ ۽ پام فئڊيم
سنڌيڪار / ترتيب ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-033-3
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (259) PDF  E-Pub
انگ اکر

29 June 2021    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     1244   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران آن لائين ڪتابن جي سلسلي جو هيءُ پهريون ڪتاب ’اسان جو ماحول – اسان جي صحت‘ اداري جي ويب پورٽل تي اپلوڊ ڪيو پيو وڃي، جيڪو جيف ڪوننٽ ۽ پام فئڊيم جي جڳ مشهور ڪتاب A Community Guide to Environmental Health  جو سنڌي ترجمو آهي. هيءُ ڪتاب نامياري اديب ۽ مترجم ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي ترجمو ڪيو آهي، جيڪو خاص طور تي ٻهراڙي جي علائقن ۾ ماحولياتي صحت جي مسئلن بابت هڪ رهبر آهي. هن ڪتاب ۾ روزاني زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ ماحولياتي مسئلن ۽ پيدا ٿيندڙ بيمارين جي بچاءَ لاءِ سمجهاڻي ۽ رهنمائي ڏنل آهي.

    ماحوليات ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلا ۽ مونجهارا ۽ انهن جو حل هن وقت دنيا جا اهم موضوع آهن. دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ اتي جي ماڻهن کي هن موضوع بابت آگاهي ڏيڻ سان گڏ، ممڪن حل لاءِ مواد جي تياري ۽ اشاعت تي زور ڏنو پيو وڃي. ان ئي سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري، هي ڪتاب پنهنجي ويب پورٽل تي مفت ۾ ميسر ڪري، سنڌ جي ماڻهن کي هن نهايت ئي اهم مسئلي ڏانهن ڌيان چڪائڻ ۽ ان جي مناسب حل لاءِ هڪ ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا اميد آهي ته پڙهندڙن کي قبول پوندي.

    هيءُ ڪتاب هر ماڻهو پي ڊي ايف توڙي ٽيڪسٽ جي شڪل ۾ اداري جي ويب پورٽل تان، مفت ۾ ڊائون لوڊ ڪري سگهي ٿو ۽ ادارو  اڳتي به مختلف موضوعن تي اهڙا ڪتاب مفت ڪتاب مهيا ڪندو رهندو ته جيئن اڄ جي جديد دور جي تقاضائن موجب موبائيل توڙي ڪمپيوٽر تي آسانيءَ سان ڪتابن جي مطالعي کي هٿي وٺرائي سگهجي.

    آئون هن ڪتاب جي ترجمي لاءِ ڊاڪٽر علي مرتضي ڌاريجي جو ٿورائتو آهيان، جڏهن ته ڊاڪٽر شمس الدين تُنيي جي پڻ مهرباني، جنهن هن ڪتاب جي ايڊٽنگ ڪئي آهي. اميد آهي ته مختلف سماجي ۽ سائنسي موضوعن تي ڪتابن جي اهڙي مفت دستيابي، سنڌ جي ماڻهن کي قبول پوندي.

    ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

    چيئرمئن