سنڌي آوازن جا تبادلا

ڪتاب جو نالو سنڌي آوازن جا تبادلا
ليکڪ محمد سومار شيخ
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
قيمت 15    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (329) PDF  E-Pub
انگ اکر

20 May 2021    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     1048   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    پيش لفظ
    سنڌ صوبائي حڪومت جي طرفان ”سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو“ (سنڌي لئنگويج اٿارٽي) قائم ٿيو آھي جنھن جي سھاري ھيٺ سنڌي ٻولي بابت تحقيقي اشاعت جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي.
    ”سنڌي ٻوليءَ جو مطالعو“ ھڪ وسيع موضوع آھي، جنھن ۾ ٻوليءَ جي تاريخ، صرف نحو، ٻوليءَ جي اندروني سٽاء، روزمرہ جي ٻولي، اصطلاح، الفاظ وغيرہ اچي وڃن ٿا. انھن عنوانن تي تحقيقي ڪتاب شايع ڪرڻ ”سنڌي لئنگويج اٿارٽي“ جي رٿا ۾ شامل آھي. ھي ڪتاب ”سنڌي آوازن جا تبادلا“ انھيءَ رٿا جي سلسلي جو پھريون ڪتاب آھي.
    مرحوم شيخ محمد سومار جو ادبي ڄاڻ ۽ تحقيق جي سللسي ۾ راقم سان واسطو ھو ۽ ھن ھيءُ ننڍڙو مگر قيمتي ڪتاب لکيو جيڪو سنہ 1929ع ۾ شايع ٿيو. سنڌي زبان جي صوتيات جي سلسلي ۾ ھن ڪتابڙي جي اھميت محسوس ڪندي ان کي دوبارہ شايع ڪيو وڃي ٿو. ھن موضوع تي ھي ڪتابڙو ھڪ ابتدائي ڪوشش آھي ۽ اميد ٿي ڪجي تہ ٻيا سمجهدار سڄڻ ھن موضوع تي وڌيڪ ويچار ڪندا ۽ لکندا.

    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
    چيئرمين سنڌي لئنگويج اٿارٽي