سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد I)

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد I)
ليکڪ ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-8194-95-6
قيمت 120    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

24 October 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     10506   ڀيرا پڙهيو ويو

ڪشنچند بيوس جي صدارتي تقرير


28 ، 29 ۽ 30 مارچ 1941ع تي ڪراچي ۾ ٿيل سنڌي ساھت سميلن ۾ ڪشنچند بيوس جي صدارتي تقرير سنڌڙيءَ ۽ سنڌيءَ جا سڄڻو! ھندستان جي ھن ڏاڍي سھڻي ۽ سنڌ جي تخت گاھ ڪراچي شھر ۾ سنڌ پرانتڪ (پرڳڻي) جو ھي پھريون سميلن ٿيو آھي. عجب آھي تھ صدر ٿيڻ جو شرف مون جھڙي ھڪ اھڙي شخص کي مليو آھي، جو نھ سنڌيءَ جو وڏو ماھر يا ليکڪ اھي ۽ نھ جنھن وٽ عھدي، سند، دولت ۽ قربانيءَ جھڙين لياقتن مان ھڪ بھ موجود آھي! ھن سامونڊي ساحل تي سنڌي ساھت (ادب) سينگاريندڙ سھسين موتي موجود ھئا، تن ھوندي بھ ‘ ھڪ ڪوڏ چونڊي ڪڍڻ’ شاھھ صاحب جي چوڻي ياد ڏياري ٿو تھ: ”آگھيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي.“ شايد ونجوڳ، مان ئي واڌارو ٿئي ٿو. مئگنا چارٽ جھڙو مٺو ميوو ڪنگ جان ۽ پارليامينٽ جي ونجوڳ مان ئي انگلنڊ کي مليو. ھيڻي ھنڌ تي ڌڪ لڳي ٿو، انھيءَ لاءِ تھ اھو مقابلي لاءِ وڌيڪ موافق ۽ مضبوط ٿئي. تنھن ڪري تھ اھا ٻاجھاري جي ٻاجھھ چئبي جو سنڌي درسي ڪتابن ۾ ڦير ڦار آڻائي. ھن واھھ تي گذريل ٿورن مھينن کان سنڌ تڪڙو تڪڙو ھلي رھي آھي. سندس ڪيترن شھرن ۾ ”سنڌي ساھت سڀائون“ کوليون ويون آھن، جن جا متا ھيٺيان آھن: 1. سنڌي ٻولي ۽ ساھت (ادب) جي ترقي 2. نج ۽ سڀاويڪ سنڌيءَ کي قائم رکڻ 3. سنڌي سڀيتا (تھذيب) جي کوجنا انھن سڀائن جي سھاري ھيٺ اڄ تائين ست چوپڙيون ۽ ڪي ٺھرائن جا پترا نڪتا آھن. سفارتون سرڪار تائين پھتيون آھن. ”سنڌي ادبي صلاحڪار بورڊ“ بڻيو آھي. تنھن کانسواءِ عام طرح اخبارن توڙي پڙھيل طبقي بھ ھن نازڪ سوال ۾ گھڻي دلچسپي ڏيکاري آھي. ھي اڄوڪو سميلن بھ انھيءَ عام جاڳرتا جو چٽو نشان آھي. صاحبو! مٿين ٽن متن مان پھريون آھي سنڌي ٻولي ۽ ساھت (ادب) جي ترقي. انھيءَ مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ ھن سميلن ۾ خاص ڌيان ڏيڻ ۾ ايندو. سنڌ جي جدا جدا سڀائن جي عيوضين کي پنھنجا پنھنجا ويچار ۽ رايا پيش ڪرڻا آھن. البت ھن ڪم جي پورائيءَ لاءِ ”مرڪزي سنڌ ساھت سڀا“ کي پئسي جي گھرج پوندي، سنڌيءَ جي سڄڻن کي وقت ۽ پئسو ٻنھي جي قرباني ڪرڻي پوندي، منھنجيءَ نظر ۾ ھيٺين ڳالھين سان آرنڀ (ابتدا) ٿيڻ کپي. 1. سنڌي ساھت ۾ شبد ڀنڊار لفظي ذخيرو (Vocabulary) وڌائڻ ۽ اھو اھڙو ڀرپور ڪرڻ جو تعليم جي ڪنھن بھ باب مثلا ”حساب، الجبرا، جاميٽري، ٽرگنامينٽري، تاريخ، جاگرافيءَ ۽ سائينس“ وغيره ۾ اسين پنھنجا خيال چٽيءَ طرح ۽ مقرر لفظن ۾ ظاھر ڪري سگھون. ڪو وقت ھو جو انگريزي ستين درجي ۾ مٿين ڪمن جو اڀياس انگريزيءَ ۾ ڪرڻ ۽ امتحان وقت جواب بھ انگريزيءَ ۾ ڏيڻ لازم ھو. پر پوءِ اختياريءَ وارن محسوس ڪيو تھ شاگرد مادري زبان ۾، انگريزيءَ جي ڀيٽ ۾، ڪو بھ ڪم سولائيءَ سان جھٽيندا ۽ وڌيڪ خوش چھري سان امتحان ڏيندا، 1927ع ۾ ھن ڳالھھ جو تجربو ڪيو ويو. جڏھن ڪوبھ شاگرد پنھنجي مادري زبان ۾ فقط تاريخ جي پيپر جو جواب ڏيئي سگھيو ٿي. ڏھن سالن جي آزمودي اھو تجربو مفيد ثابت ڪيو، تنھن تي 1937ع ۾ پورن (مڪمل) اجازت ڏني ويئي تھ شاگرد سواءِ انگريزيءَ جي ٻئي ڪنھن بھ ڪم جو جواب پنھنجي مادري زبان ۾ ڏيئي سگھن ٿا. جڏھن اھو پڌرنامو نڪتو تڏھن مٿين ڪمن تي انگريزيءَ تان سنڌيءَ ۾ ترجما ٿيڻ لڳا، سنڌيڪارن کي ان وقت اھا خاص اڙچڻ (تڪليف) ٿي لڳي تھ انگريزي مقرر ٿيل مڪاني لفظن جي بدران سنڌيءَ ۾ ايترا لفظ ڪٿان ايندا. انھن لفظن موجود ۽ مقرر ڪرڻ جي ڪابھ ڪوشش سرڪار خواه سنڌي ماھرن پاران ڪرڻ ۾ نھ آئي، نتيجو اھو ٿيو جو ڌار ڌار مصنفن جي ساڳيءَ (مضمون) تي لکيل ڌار ڌار ڪتابن ۾ ساڳئي مڪاني لفظ لاءِ ڌار ڌار لفظ ڪم آندا ويا: مثلا ھڪ ڪتاب Density کي گھرائي، تھ ٻيو ڳوراڻ، تھ ٽيون گھاٽاڻي ۽ چوٿون وري نھراڻ لکي ويو. انھيءَ گھٽتائيءَ کي منھن ڏيڻ لاءِ سنڌ سميلن اڳيان عملي رٿ آھي تھ تعليمي ماھرن جي ھڪ جماعت مقرر ڪجي. جا انگريزيءَ ۾ ھڪ سڄي ياداشت مڪاني مقرر لفظن ۽ اصطلاحي لفظن جي تيار ڪري ۽ انھن لاءِ سنڌيءَ ۾ پورا پورا لفظ مقرر ڪري. جيترو ٿي سگھي اوترو اھي لفظ نج سنڌي ھجن، پر جي نج سنڌي نھ ڀلي سگھن تھ سنڌيءَ جي لاڳاپيدار ٻولين مثلا پراڪرت، سنسڪرت، ھندي، اڙدو، فارسي ۽ عربي ٻولين تان وٺڻ گھرجن. اھڙن گھربل لفظن جون ياداشتون اخبارن ۾ ظاھر ڪجن ۽ جيڪي انھن جي برابر سرلا، سولا ۽ سھائيندا لفظ لھي ڏين، تن کي انعام ڏجن. 2. اختياريءَ وارن کي عرض ڪري مڃائجي تھ انھن ڪمن جا پيپر انگريزيءَ بدران مادري زبان ۾ ٿين. 3. مادري زبان يعني سنڌي لکندڙ شاگرد وچ ۾ انگريزي لفطن جي ٽنب ٽنب ڪندا آھن، سا ھر گز نھ ڪن. 4. پاڙھيندڙن کي بھ وچ ۾ ڪو انگريزي لفظ ڪم آڻڻ نھ گھرجي. 5. انگريزيدان عام طرح ھڪ ٻئي سان گفتگو اڪثر انگريزيءَ ۾ ڪن ٿا، تنھن جي بدران سنڌيءَ ۾ ڪن. سڄي گفتگو سنڌيءَ ۾ ھجي، وچ ۾ انگريزي لفظ بھ ڪم آڻڻ نھ کپن. 6. سنڌي ماڻھو خط پٽ سنڌيءَ ۾ لکن. 7. علم طبعي جي علم ڪيميا (رسالن وديا) وارن ڪتابن ۾ مفرد خواه مرڪب شين لاءِ نشانيون پڪيءَ طرح مقرر ڪري ڇڏجن، جئن رڳو اھيئي ڪم اچن جئن تھ، Platirum لاءِ پل Argon آرگان لاءِ آ وغيرھ 8. تعليم کاتو رڳو اھيئي ڪتاب منظور ڪري، جن ۾ اھڙيءَ طرح مقرر ٿيل لفظ ڪم ۾ آندا ويا ھجن ۽ نھ ٻيا. 9. سرڪاري دستاويزن ۽ دعوائن ۽ ڪورٽن جي لکپڙھھ ۾ جا گذريل جھوني ۽ ڀتي سنڌي ڪم آندي ٿي وڃي، تنھن ۾ سڌارو آڻڻ، جئن اھا ٻولي اڄڪلھھ جي سڌريل ٻوليءَ سان ٺھڪي اچي. 10. رفتھ رفتھ ڪاليجي سائنس ۽ ايڪانامڪس، لاجڪ وغيره جا ڪتاب بھ ترجمو ڪرائي، سنڌيءَ ۾ آندا وڃن ۽ انھيءَ ڪم لاءِ چڱا انعام آڇيا وڃن. 11. ناول نويسيءَ ۾ ترجمن کان اصليت کي زياده ھمٿائجي. 12. شاھ جي رسالي ۽ ٻين جھونن ڪلامن ۾ ڪن لفظن جي معنائن ۾ وڏو اختلاف آھي، اھو اختلاف دور ڪري، ڪا ھڪ صحيح معنيٰ مقرر ڪرڻ. 13. ڪاسبي ماڻھو، ھنر وارا ۽ ڌنڌن وارا، جي پنھنجي اوزارن، وسلن وغيره تي عجيب ۽ مقرر لفظ ٿا ڪم آڻن، سي ڇپائي پڌرا ۽ عام ڪرڻ. مثلا ”نار، کوھھ ائٽ، گاڏي ۽ ٻين انيڪ شين جا پرزا ۽ انھن جا نالا ظاھر ڪرڻ. 14. ٻھراڙين ۾ اھڙا ڪيترائي لفظ ڪم آندا وڃن ٿا، جن جي شھري ماڻھن کي ڄاڻ ڪانھ آھي، اھي لفظ ھٿ ڪرڻ ۽ ڪم آڻڻ. 15. درسي ڪتابن ۾، جي غلط واقفيت، گرامر ۽ ٻوليءَ جون ڪيتريون چڪون ۽ صورتخطيءَ جون غلطيون موجود آھن، تن ڏانھن اختياريءَ وارن جو ڌيان ڇڪائڻ ۽ اھي درست ڪرائڻ. 16. سڌريل ملڪن ۾ زماني جي ترقيءَ جي رفتار موافق جلد جلد نوان درسي ڪتاب ٺھن ۽ ڇپجن ٿا. جن ۾ ساھتيھ، (ادب)، ھنرن ۽ راجنيتي ڳالھين بابت سڀڪنھن قسم جي نئين واقفيت ڏني وڃي ٿي. جنھن ۾ پڙھندڙن کي نھ رڳو سندن ملڪ پر ٻين ملڪن ۾ ھلندڙ ڳالھين کان بھ واقف رکيو وڃي ٿو. جنھن ۾ پرھندڙن کي نھ رڳو سندن ملڪ پر ٻين ملڪن ۾ ھلندڙ ڳالھين کان بھ واقف رکيو وڃي ٿو. پر سنڌ ۾ سال بسال ساڳيائي 50-40 سالن جا جھونا درسي ڪتاب ھليا اچن. گويا ايتري ساري عرصي اندر بھ سنڌ ۾ حالتون پنھنجيءَ جاءِ تي ڇِپ ھڻي ڀيٺيون آھن! انھيءَ گھٽتائيءَ جو پورائو ڪرڻ. 17. سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي مالدار ٻولين مان ھڪ بنائڻ. ھاڻوڪي سنڌ ھڪ درياءَ وانگر آھي، جنھن ۾ سنسڪرت، پراڪرت، فارسي، عربي ۽ انگريزي ٻولين جون ڀرتي ڪندڙ شاخون اچي ملن ٿيون. اھو ميلاپ کيس مالدار ۽ شاندار بھ ڪري سگھي ٿو تھ وري سندس اصليت گنوائي کيس نابود بھ ڪري سگھي ٿو. سنڌيءَ کي کائي متارو ٿيڻ لاءِ برابر اڳيان گھڻو مال موجود آھي. پر گھرج ۽ پرھيز کان سواءِ بنا تميز کائيندو رھڻ بھ جِند لاءِ جوکو آھي. ڇا کڻڻ ۽ نھ کائڻ کپي، تنھنجي ڄاڻ بھ ھاضمي کي قائم ۽ سگھاري رکڻ لاءِ بيحد ضروري آھي. ڀاڱي جي ڀلي لاءِ سڄي کي سھسائڻ نھ کپي. وات جي چشڪي لاءِ سرير کي ستائڻ سياڻپ نھ آھي. ھاڻي سوال آھي تھ ڪھڙي متي تي ٻين ٻولين جا اصول، اکر، لفظ ۽ محاورا سنڌيءَ ۾ درج ڪجن. مذھبي جذبي ۽ ڌرمي ڪٽر وچان دٻڙدؤنس ڪري فقط فارسي، عربي، سنسڪرت، پراڪرت ۽ انگيزيءَ جا ڳاٽي ڀڳا، نڙي ڦوڙ لفظ استعمال ۾ آڻڻ، سو ٿيو ساھت ۾ بغض ڪرڻ. علم ادب کي تھ خاص طرح ديني بغض کان آجو رکڻ کپي. ادبي ميدان ۾ ئي فرقيپرستيءَ جي مٽجي وڃڻ ۽ ايڪتا قائم ٿيڻ جي اميد آھي. تعصب وچان اصلوڪيءَ سنڌيءَ جي سھڻي ۽ سولي صورت مٽائي کيس چؤن چؤن جو مربو بنائڻ مادري زبان جي پيار وارن لاءِ لائقيءَ جي روش نھ آھي. ڌارين لفطن جي سھڻي ۽ برابر ميلاپ جي پرک ڪن کي ڪرڻي آھي. پارکو ڪئين خوش آواز ۽ بد آواز سھي ڪري سگھي ٿو. ڪن کي ئي فتويٰ ڏيڻي آھي تھ فلاڻو لفظ ٻوليءَ سان سر ۽ ڪوملتا مطابق ملي ھڪ ٿي سگھي ٿو يا نھ. ھن خوش آواز واري ميلاپي اصول تي سنڌيءَ جو لفظي خزانو وڌائڻ ئي ”مرڪزي سنڌي ساھت سڀا“ جو فرض ٿيندو. 18. درسي ڪتابن واري نظمي ڀاڱي جي چڪاس ڪرڻ تھ اھي تازن سڌريل خيالن سان ٺھي اچن ٿا يا نھ، جئن تھ: ”خوف ڪر، ڊڄ کان خدا ٻيو سڀ ڦڪو ڪر ڪار ڪم“. خدا کان خوف ڪرڻ ۽ ڊڄڻ! جنھن کان ڊڄيو، تنھن سان محبت پئدا ڪيئن ٿيندي؟ اھڙي نموني وارن نظمن بدران ڪنھن سٺي مطلب وارا نظم چونڊڻ، ۽ ڳوڙھي مطلب وارا ڏکيا تصوي نظم ڪڍي شاگردن جي سمجھھ آھر داخل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ. 19. سنڌ جي ڇاپخانن مان جيڪي بھ ڇپجي نڪري ٿو، تنھنجو اھو ڀاڱو جو سنڌي ساھت جي سچي شيوا ڪندڙ سمجھڻ ۾ آيو، تنھن کي ھيءَ سڀا پنھنجو ڪري ڄاڻندي. ان کي پنھنجين گھرجن آھر ۽ پڻ پرچار لاءِ ڪم آڻيندي. ان کي خاص خاص ھمتا ٿيندي. ان ۾ جيڪي لفظ، اصطلاح، محاورا، استعارا، تشبيھون وغيره ڌاريا خواه پنھنجا نيڪ نظر ايندا، تن جو داخلو رکندي. اھي ڪٺا ڪري معنيٰ، مطلب ۽ ڪم آڻڻ جي طريقي سميت عام واقفيت لاءِ ڇپائي پڌرا ڪندي. 20. ويا ڪرڻ (گرامر) ۾ سڀ نج سنڌي لفظ ڪم آڻڻ لاءِ واٽ ڳولي لھندي. ھيءَ مرڪزي سڀا سمجھي ٿي تھ چڱو عرصو انھيءَ ميدان تي ڪم ڪرڻ بعد ئي ھڪ پورن (مڪمل) سنڌي لغت يا ڪوش ٺاھڻ جو ڪم ھٿ ۾ کڻي سگھبو. ھن سڀا جو اھو پڪو نسخو (پھھ) آھي تھ انھن ڳالھين جي پورائي ڪرڻ کان اڳ سنڌي لغت ٺھرائڻ تي ڪوبھ وقت ڏيڻ يا خرچ ڪرڻ وئرٿ (اجايو) ويندو. 2- نج ۽ سڀاويڪ سنڌيءَ کي قائم رکڻ سنڌي ساھت سڀائن جو ھي ٻيو متو آھي ۽ اھو جيتري قدر پھرئين متي سان ڳانڍر آھي، اوتري قدر انجي اپٽار پھرين متي جي اپٽار ڪندي ٿيندي آئي آھي. وڌيڪ اپٽار اڳتي ڪجي ٿي: سوال ٿو اٿي تھ نج ۽ سڀاويڪ سنڌيءَ کي قائم رکيو نٿو وڃي ڇا؟ جواب آھي تھ قائم رکيو نھ ويو آھي، ڦيرايو ويو آھي. ڪاليج جي چوٽيءَ کان وٺي، ويندي ٻاراڻي ڪلاس تائين سنڌيءَ جي بنياد ۽ بيھڪ کسي بدلايو ويو آھي! سنڌيءَ کي ڦيري چوٽ ڪاپار کان پيرن تائين آرپار رسائي ويئي آھي. وڏو عجب ھن ڳالھھ تي ٿو اچي تھ درسي ڪتابن ۾ ايترين سارين موت مار ڦيرين گھيرين کي دائودپوٽو صاحب رڳو ”درستيون“ ڪري ٿو ڪوٺي، جنھن کي ”الوحيد“ وري 9 جنوري 1941ع جي عيد نمبر ۾ معمولي ۽ صحيح درستيون ڪري سڏيو آھي!!! ۽ چوي ٿو تھ انصاف ۽ عقل مسٽر ڄيٺمل پرسرام کي اجازت نھ ٿا ڏين تھ ڪو ھو علمي ڳالھيون عام لوڪن جي اڳيان رکي ۽ منھن مٿو پٽي، چوي تھ لوڪو! ڏسو! ”اسانجي سڀيتا (تھذيب) خطري ۾ اچي وئي.“ درد کان دانھن ڪرڻ جي بھ اجازت نھ ملي. بند گلو ڪست بلا سان پيو ڪنبايل ورڻو. (سامونڊي سپون) تحقيق، معمولي، بلڪل معمولي، درستيون، رڳو رواجي راند: ھتي تلاءَ ۾ پٿرن اڇلائڻ واري ڳالھھ ٿي. ٻار جڏھن ڪافي پٿر تلاءَ ۾ اڇلي چڪا، تڏھن پاڻيءَ مان ڏڪندڙ سر ٻاھر ڪڍي ھڪ وڏو ڏيڏر کين چوڻ لڳو، تھ ابا ھي ڇا پيا ڪريو، اسان بيگناھھ گگدامن کي ماريو ڇو پيا؟ تھ ٿو ھڪڙو ٻار جواب ڏئيس: چي اسين ڇا ٿا ڪريون، اسين تھ رڳو راند پيا ڪريون. ويچارو وڏڙو ڏيڏر ھيءَ ورندي ٻڌي وائڙو ٿي ويو. چي واھھ توھان جي راند! تلاءَ ۾ اندر تھ ھلي انھيءَ راند جو رڻ ڏسو. اسان منجھان سون ويچارن کي صفا ماري ڇڏيو اٿؤ، سون کي ڦٽيو اٿؤ، سون کي منڊو ٽنڊو ڪري رکيو اٿو. سڄي تلاءَ ۾ روڄ راڙو ۽ ماتم مچي ويو آھي، اڃا چئو ٿا تھ اسين ڇا ٿا ڪريون، اسين تھ رڳو راند ٿا ڪريون. مروان موت، ملوڪان شڪار! ھيءَ بھ اھا ڪار ٿي. ڇا درسي ڪتابن ۾ ھي معمولي درستيون ھيون، جن سنڌ ۾ ھيڏو ٻارڻ ٻاريو. ملڪ جي ھڪ ڇيڙي کا ٻئي تائين بجليءَ جي ھڪ تيز رفتار لھر ڊوڙي وئي. اخبارن جا ڪالم ڪارا ٿيڻ لڳا. جي اخبارون فرقيوار ترشيءَ ۽ ڪشمڪش تي ئي پلجنديون آھن، تن ھڪ تحرڪ کي فرقيبازيءَ جو رنگ ڏيئي، مخالف ڌر وارن تي شخصي حملا ڪرڻ ۽ ڌوڙيو وسائڻ شروع ڪري ڏنو. ھندو- مسلم سازيءَ جي بانيڪار اخبارن بھ صاف لکيو تھ ھن نازڪ وقت ھن قسم جي ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جو نھ آھي. وڏن شھرن ۾ سنڌي ساھت سڀائون جاري ٿيون. انھن جا ڪيل ٺھراءَ ڇپجي پڌرا ٿيا. انھن ٺھرائن مان ڪن ۾ تھ ڪاميٽيءَ پاران خود سرڪار کي چتاءُ ڪيو ويو آھي تھ جيڪڏھن اڳين درسي ڪتابن کي وري قائم ڪرڻ جي گھر قبول نھ ڪئي ويندي تھ انھيءَ تحرڪ ھلڻ جو انديشو آھي تھ انھن ڪتابن جو اسڪولن ۾ بھشڪار (بائيڪاٽ) ڪيو وڃي. ڪن ٺھرائن ۾ ڄاڻايو ويو تھ درسي ڪتابن ڦيرائڻ جو ڪم بلڪل بي قانوني ٿيل آھي، جنھن لاءِ قاعدي دانن سان صلاح ڪرڻ بعد قانوني قدم کڻڻ گھرجي. ڪن ٺھرائن ۾ زودرار رايو ڏيکاريو ويو آھي تھ سنڌ جي ڊي. پي. آءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي کي ھن ريت درسي ڪتابن ڦيرائڻ جو ڪو حق ڪونھ ھو، ھن جي ھيءَ ڪارروائي حڪومت جي اصولي بنياد کي ڊاھي ٿي، تنھن ڪري سرڪار جو فرض آھي تھ ھن باري ۾ جاچ ڪري جوڳو قدم کڻي. ھڪ ٺھراءَ ۾ ظاھر ڪيو ويو آھي تھ ڇوڪين 52 حرفن کي ڪنھن واجبي عددي حد تي بِھارجي. جنھن جو مطلب شايد اھو ھجي تھ ث، س، ص ٽن حرفن بدران رڳو ”س“ قائم ڪجي وغيره. ادبي بورڊ سرڪار کي ٺاھڻو پيو، مگر عام ماڻھن ان کي تسليم نھ ڪيو، ڇو تھ اھو بورڊ فرقيوار ٿورائيءَ ۽ گھڻائيءَ واري اصول (10 مسلمان ۽ 6 ھندو) تي ٻڌل ھو. سنڌ سرڪار کي پريس نوٽ ڪڍڻا پيا. مڪاني نوٽ سنڌي ساھت سڀائن پاران ڪيترا پتر ۽ ٺھراءَ ڇپجي ظاھر ٿيا. سنڌ سرڪار جي مقرر ڪيل درسي ڪتابي ڪاميٽيءَ جا حق ۽ فرض ويچار ھيٺ آيا، وغيره وغيره. ڇا ڇا نھ ٿيو؟ ھي نڪتو آھي معمولي درستين جو نتيجو. ڪي سائينءَ جا سنواريا يا اھڙا بھ آھن، جن ھن سموري گنڀير معاملي کي ھڪ تماشو سمجھي، ٻن ڌرين جا ويس ڌاري کڻي بڻايا آھن: ھڪ ڄيٺمل ائنڊ ڪو، ٻيو دائود پوٽو ائنڊ ڪو. وري انھن ڌرين بابت وھم بھ عجيب آھن: مسٽر ڄيٺمل جي ڌر بابت اھو وھم آھي تھ ھيءَ بيجاءِ ھلچل رڳو مسٽر ڄيٺمل جي ھلايل آھي، جنھنجو مطلب آھي تھ ڊاڪٽر دائود پوٽي کي سنڌ مان ڪڍي ڇڏجي، ڇاڪاڻ تھ ھو مسلمان آھي. ڊاڪٽر دائود پوٽا ڌر بابت وھم آھي تھ ھو مذھبي خيال کان ڄاڻي ٻجھي سنڌيءَ کي عربي جامو ٿو پھرائي، اھي ٻئي وھم ڪنھن فھم سان آھن يا نپٽ فھم کان خالي، تنھنجو جواب آءٌ پنھنجي سر ھڪ ڄڻي جي حيثيت ۾ ڏيڻ نٿو چاھيان. مگر مسٽر ڄيٺمل سچو صوفي ۽ ھندو مسلم اتحاد جو ڪوڏيو آھي، جا ڳالھھ مثالن سان ثابت ڪرڻ آھي يا ڏياٽين سان سج کي ڏيکارڻ. ھن جھڙو مسلم دوست ھندو سنڌ ۾ ڳوليو ڪو لڀي. باقي جنھن ڳالھھ ۾ ڪو نقص ڏسندو آھي، تنھن بابت سواءِ لڪي چپيءَ جي کليو کلايو مخالفت ڪندو آھي. ھن معاملي ۾ ھن کي جيڪي ڪرڻ کپندو ھو، تنھن جي ڪا پتي بھ ڪري نھ سگھيو آھي، ڇاڪاڻ تھ ڊي- پي- آءِ مسلمان آھي. پر جي ڊي- پي- آءِ ھندو ھجي ھا تھ سندس ڪم بلڪل بي ڌڙڪيءَ سان ھلي ھا. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واري شاه جي رسالي تي ھن شخص ساندھھ مھينن جا مھينا دليريءَ سان مخالفت ڪئي ھئي، جو نھ رڳو سندس ذات ڀائي ھندو ھو، مگر دوست بھ سندس وڏو ھو. تنھن مان ظاھر آھي تھ ھن جو ڪنھن سان بھ شخصي جھڳڙو ٿيندو ئي ڪونھي. ھن جو جھڳڙو آھي سرشتي سان، اصول سان. آءٌ اکين ڏٺي شاھد جي حيثيت ۾ شاھدي ٿو ڏيان تھ جڏھن جڏھن مسٽر ڄيٺمل کي ھن معاملي ۾ ڪو گفتگو ڪرڻو پيو آھي، تڏھن ائين پئي چيو اٿس تھ مونکي ذڪر ڪندي شرم ٿو اچي، ٻڏي ٿو مران، انھيءَ لاءِ تھ انھيءَ مان متان ڪو شخص ضديت سمجھي، متان ڪو ھندو مسلم نفاق جو ممڻ مچي. پر ڇا ڪريان، بنيادي اصول جي ڳالھھ آھي، وغيره ھيڏانھن اسان جو شمس العلما ڊاڪٽر دائودپوٽو بلڪل ھندو دوست، مسلم ۽ ھندن جو پيارو ٿي ڄاتو ويو، جنھن وقت سندس ڪتاب ”سرھا گل“ سندس ميلاپي مٺڙي سڀاءَ سان واسجي نڪتو. ان وقت تھ سندس ڊي . پي. آءِ ٿيڻ تي. ھندن ۾ ھيڪاري سرھائي جاڳي، مبارڪباديءَ جون تارون ڪيائون، خوشيون منايائون. ھندن کي بخوبي خبر آھي تھ سنڌ ۾ چالو حڪومت جي سرشتي ھيٺ ضرور ڪو مسلمان صاحب ئي انھي وڏي عھدي تي مقرر ٿيندو، تنھنڪري ڪنھن کي بھ حسد ڪرڻ جو سبب نھ ھو. ھيڪاري ھيءَ چونڊ نعمت ڄاتائون، جا ڊاڪٽر صاحب جي اعليٰ تعليم ۽ ھندو مسلم ميلاپي طبعيت سان ٺھڪي ٿي آئي. پر انساني سڀاءَ جا عجيب لاھا چاڙھا آھن. ڊاڪٽر محمد اقبال جھڙو ودوان، فراغ دل، سمجھو ۽ رلڻو ملڻو اعليٰ شاعر بھ آخر مذھبي اثر ھيٺ اچي ويو. پاڻيپٽ جو نامور شاعر بھ آخر مذھبي اثر ھيٺ اچي ويو. پاڻيپٽ جو نامور شاعر الطاف حسين حاليءَ جھڙو ديش ڀڳت شاعر بھ آخر عليڳڙھھ يونيورسٽي تحريڪ جي اثر ھيٺ اچي ويو. تڏھن ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ڪھڙي نرالي ڳالھھ، جو ھو مسلم اثر ھيٺ اچي، ”ابيات سنڌيءَ“ جھڙو ڪتاب تصنيف ڪري. ان بعد ئي ھندو سمجھڻ لڳا تھ اسان ڊاڪٽر صاحب ۾ ھندو- دوست مسلم ھميشھ لاءِ وڃايو. سنڌ وزارت جي ناپائداريءَ ڪيترائي سبق سنڌ کي سيکاريا آھن، جن مان مکيھ ھي آھن: ”حق وٺڻ ۽ اختياري ماڻڻ ڏانھن چاھ، پر فرض پالڻ ۽ جوابداري محسوس ڪرڻ ڏانھن ٽاھھ.“ انھيءَ سبق ويچارڻ مان جيڪو اثر ٿيندو، سو اثر تي عمل ۾ اچي سنڌ ۾ پڪي وزارت يا حڪومت قائم ڪندو. مسلمان کي وڏي عھدي تي رھڻ لاءِ اول ٿيڻو پوندو ”جوابدار عھديدار“ پوءِ ”ھندو“، پوءِ ”مسلمان“، ۽ ھندوءَ کي وڏي عھدي تي قائم رھڻ لاءِ اول ٿيڻو پوندو ”جوابدار عھديدار“، پوءِ ”مسلمان“ ۽ پوءِ ”ھندو“. انھيءَ سونھري اصول تي ئي صوفياڻيءَ سنڌڙيءَ جي سونھن ۽ سڌاري جو مدار آھي. انھيءَ سنڌ جي سندو سڀيتا جي امر جوئي جڳڻ جو مدار آھي. انھيءَ ساڌنا ساڌڻ مان ئي اھا نئين سنڌ نڪري نروار ٿيندي، جنھنجو ذڪر 9 ڊسمبر 3619ع تي پروفيسر اجواڻيءَ سنڌ ڪاليج ۾ پنھنجي تقرير وقت ڪيو آھي. مذڪوره پروفيسر ٻڌائي ٿو تھ چوڏھينءَ صديءَ ۾ انگلينڊ انگريزي ساھتيھ بڻايو، تنھن کانپوءِ نئون انگلنڊ بڻيو. ساڳيءَ طرح نئين سنڌ لاءِ اول اول ضروري ڳالھھ آھي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ساھتيھ جي پيڙھھ ۽ واڌارو. سنڌ کي اميد ھئي تھ سنڌ جي تعليم کاتي جي چارج وٺڻ بعد ڊاڪٽر دائود پوٽو ئي اھي سڪون لاھيندو، جنھن بابت چيو وڃي ٿو تھ ”ھو نھ رڳو انگريزي، عربي پارسي ۽ اڙدو ٻولين جو عالم فاضل آھي، ليڪن لئٽن، فرينچ ۽ سنسڪرت زبانن جو بھ ماھر آھي. انھيءَ صاحب جي علمي ۽ ادبي لياقتن جھڙا آدمي ھندستان، ايران، عربستان ۽ انگلنڊ ۾ بھ ڪي ٿورا ٿيندا. جيڪڏھن انھيءَ ۾ ڪوبھ مبالغو نھ آھي تھ ايتري سموري اٿاھھ طاقت سنڌ جي في سيڪڙي 95 جيڏي بي علميءَ جي انڌاري کي روشن ڪرڻ ۾ لڳائڻي ھئي، يا ”ابيات سنڌي“ ڪٽر شرحون لکي، ڪاليجي اسٽرائيڪن ڪرائڻ ۾، ۽ درسي ڪتاب ڪاميٽيءَ جي رضامنديءَ يا ٻئي ڪنھن بھ طلب کان سواءِ درسي ڪتاب ڦيرائي ھندو مسلم ڇڪتاڻ وڌائڻ ۾ لڳائڻي ھئي؟ ڇا شمس العلماءِ اھو بھ ڏسي نٿو سگھي تھ ھي نازڪ وقت انھيءَ قسم جي ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جو آھي يا نھ؟ نازڪ وقت، تحقيق، بلڪل نازڪ وقت، جڏھن سنڌ ۾ منزل گاھھ جي معاملي موتمار ممڻ مچائي رکيو آھي، تعصبي ننگي تلوار بيگناھھ گردن تي بي حيائيءَ سان ڦري رھي آھي ۽ ھندو مسلم سلوڪت جو سلو سڙڻ تي آھي، بي اتفاقيءَ جي باھھ جا ڀنڀٽ سنڌ جي آڪاس تي اڏي رھيا آھن، سرڪاري مشين پنھنجي سموري عملي سان آگ اجھائڻ ۾ رڌل آھي. وزير ور ور ڪري ٺاپر آڻڻ لاءِ وارداتن تي وڃڻ لڳا آھن، جا بجا صلح سڀائون برپا ڪيون ويون آھن، پبلڪ، پليٽ فارم ۽ پريس، پوليس بڻجي پھري تي سجاڳ آھن، مھاتما گانڌيءَ سنڌ ۾ ستياگرھھ ڪرائڻ جو خيال لاھي ڪانگريس پريزيڊنٽ کي صلح سازيءَ لاءِ سيڙائي موڪليو آھي، ملڪي والنٽيئر ۽ شيوا ڌاري لاريون ڀرجي ايڪتا جا سر آلاپيندا، ڳوٺان ڳوٺ ڪاھي پيا آھن، اھڙي وقت؟ اھڙي وقت ھڪ ئي ميلاپ جو ميدان، ھڪ ئي ايڪتا جو مندر، ھڪ ئي اتحاد جو عبادتگاھھ اڃا موجود آھي، جتي ساڳيءَ ئي بينچ تي، ساڳي ئي سکيا ڪنھن بھ ڀيد ڀاءَ کانسواءِ مختلف مذھبن وارا شاگرد، ملڪ جا آئينده جا ابا، گڏوگڏ وٺي رھيا آھن: سيکاريندڙ مڪتب ساڳيو آھھ سکيا جو مطلب ساڳيو ساڳيو علمي سير، بابا ڪوئي نھ آھي غير. مڪتب روپي ھن عام اتحاد گھر اندر ھڪ مڃتا لائق ادبي مرقد کڙو ٿيل آھي، جنھن کي ھندو ۽ مسلمان ٻئي ادب سان ايامن کان مڃيندا آيا آھن. ان ساھتيھ سماند ئي مسلمان نشاني پڙ ۽ ھندو نشاني پڳڙي چڙھيل آھي. جنھنڪري ٻئي برادريون انکي پنھنجو ڄاڻي رھيون آھن. انھيءَ عام اتحاد گھر جو وڏي ۾ وڏو محافظ اچي ٿو. مرقد ۽ پڙ ڏسي سمجھي ٿو تھ ھن ۾ عربي روح سمايل ھوندو، انھيءَ غلط فھميءَ ھيٺ، دٻيل جذبو جاڳي اٿي ٿو، جنھن ۾ ھو اھڙو تھ بي اختيار ٿي وڃي ٿو، جو سواءِ وڌيڪ جاچ جوچ جي، سواءِ ڪنھن بھ پوڄاريءَ جي پڪار ھئڻ جي، سواءِ ڪنھن بھ مقرر جماعت يا سڀا سان صلاح مصلحت ڪرڻ جي، رڳو پنھنجي ڄاتل اختياريءَ ۽ مرضيءَ مطابق، زماني جي رخ جو بھ خيال نھ رکي، ادبي مرقد تي ھندو پڳڙيءَ ھجڻ ھڪ معمولي سھو سمجھي انکي تڙ تڪڙ ۾ درست ڪرڻ چاھي ٿو، پڳڙي لاھي، کولي مسلمان دستار جي صورت ۾ آڻي چاڙھڻ سان ساھتيھ سماند کي پورو عربي مرقد بڻائي ٿو! ھڪ فرقي ۾ موج مچي ٿي ۽ ٻيو مايوس ٿئي ٿو. مايوس پڪاري ٿو: سردار! اوھان ھي ڪيو ڇا؟ رڳو پنھنجي نقطھ نظر کان ڏٺو، اسين جي تعداد ۾ گھٽ ھوندي بھ انھيءَ مبارڪ مندر جا زياده پوڄاري ۽ سٺ سيڪڙي ڏن ڀرو آھيون، تن جي نقطھ نظر کان بھ تھ ڏسو ھا، ھن ساھتيھ سماند اندر اسان جي سنسڪرت ۽ پراچين پراڪرت جا بھ سنک پؤريل آھن ۽ وڌيڪ وزن ھو بھ انھن جو، اسان ھرو ڀرو ھوڏي بھ نھ آھيون. بي ريا ۽ پسنديءَ تي چونڊيل ٽياڪڙ جي فيصلي تي صبر سان آڻ مڃڻ جي عادت اسان ۾ آھي، جا ڳالھھ سکر منزل گاھھ بعد ۾ ثابت ٿي چڪي آھي. مھرباني ڪري في الحال تھ ساڳي پڳڙي قائم رکو. ائين وسمڻ جو اسانکي سبب نھ ڏيو، اوھين در حقيقت پھرين مسلمان آھيو، پوءِ محافظ ۽ پوءِ ھندو؟ قابليت ھڪ ڳالھھ آھي، انتظام رکي ڄاڻڻ ٻي ڳالھھ آھي. ھن وقت عھديداريءَ ۾ علمي لياقت رکڻ کان علمي انتظام رکڻ جي وڌيڪ ضرورت آھي. چڱو عالم ھرو ڀرو چڱو منتظم ٿي نٿو سگھي. ھيستائين عقابي اک سان بلڪل اوچائيءَ تان جيڪي ڀي ڏسڻ ۾ آيو آھي، تنھن جو مون سرسري مختصر بيان ڪيو آھي، ھاڻي ويجھائيءَ تي نظر وجھي باقي ٿورو ڪي چوڻو اٿم. پڳڙيءَ مان دستار بنائڻ ڇاکي ٿو چيو وڃي؟ ان لاءِ سنڌي ساھت سڀا پاران پترو 3 ڏسو، جنھن ۾ مختصر طور ڄاڻايل آھي تھ ”سنڌي ٻوليءَ جو روپ ۽ اچار ڪئن ٿا ڦيرايا وڃن.“ ۽ پترو نمبر پھريون، ٻيو، چوٿون، پنجون، ڇھون، ستون ۽ سنڌي ساھت سڀا حيدرآباد جا ڏھھ ٺھراءَ بھ پڙھڻ کپن. اعرابون ۽ ماترائون: سنڌيءَ ۾ سڄا سارا 52 اکر آھن، جن کي حرف صحيح ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو. اھي سڀ اکر يا حرف صحيح بي آواز بجا آھن، يعني انھن کي ڪوبھ اچار يا آواز يا سر ڪونھي. انھن اکرن مان آواز يا اچار تڏھن نڪرندو، جڏھن ساڻن اعرابون يا ماترائون لڳنديون. سنڌيءَ ۾ ماترائون يا اعرابون ٻن نمونن جون آھن، ھڪڙيون ننڍي آواز لاءِ زبر، زير پيش (-َ -ِ -ُ) ٻيون ڊگھي آواز لاءِ ا، و، ي جن کي حرف علت چون ٿا. تنھنڪري ا، و، ي حرف صحيح بھ آھي ۽ حرف علت طور بھ ڪتب آيل آھن. نئون سڌارو ڪندڙ ھڪ وصف ٻڌائين ٿا تھ ا، و، ي حرف صحيح تڏھن آھن، جڏھن سندن مٿان يا ھيٺان اعراب اچي ۽ جي اعراب نھ ايندي تھ حرف علت آھن. مثلا ٻڪريءَ ۾ جي ي ھيٺان اعراب ايندي تھ حرف علت ئي نھ رھندو، پر خودحرف صحيھ ٿي پوندو ٠اھا سمجھاڻي يا وصف 20 ڊسمبر شام جو مسٽر آءِ، آءِ قاضي صاحب چيئرمن صلاحڪار بورڊ جي بنگلي تي مستر لالچند امر ڏنومل جڳتياڻي، مسٽر جيٽلي کي ٻڌائي ٿو) مسٽر جيٽلي کي سنڌيءَ ٻوليءَ جي واقفيت ڪانھ ھئي، سو جواب ڏيئي ڪونھ سگھيو، جنھنڪري ھتي مان سندس پاران جواب ڏيان ٿو: ”يار“ ھن ۾ مسٽر لالچند جي وصف موجب پھرين (ي) تي ڪابھ اعراب يعني زير- زبر- پيش ڪانھ آھي، تنھنڪري اِھا حرف علت ٿي!!! پر جيڪڏھن ھن جو جواب مسٽر لالچند اِھو ڏئي تھ ناھي يا کي پٺيان وارو ”الف“ ڊگھي اعراب اچي ٿو، تنھنڪري پھرين ي حرف صحيح ٿيو. (ڏاڍو چڱو، تڏھن ا، و، ي اعرابون بھ آھن؟) ھاڻي چئبو تھ وصف ڦري ھن طرح ٿي: ا، و، ي حرف صحيح تڏھن آھن، ”جڏھن سندن مٿان يا ھيٺان يا پٺيان ڪابھ اعراب يا ڪو بھ حرف علت اچي.“ ساڳئي بنگلي تي ان وقت چيئرمن صاحب مسٽر جيٽلي کي ٻڌايو تھ اسانجي سنڌي الف بي عربي تان ورتل آھي، تنھنڪري اعرابن جو سرشتو بھ اسان کي عربيءَ وارو ئي اختيار ڪرڻو آھي، اھو بھ سون! عربيءَ ۾ ”يا“ ھن طرح لکيو آھي يعني ي تي زبر ڏيئي، انکي حرف صحيح بڻائي، پوءِ الف پٺيان ڳنڍبو آھي. پر سنڌي ۾ (يا) اڃا بھ لکڻ قائم رکيو ويو آھي. ھن مان قاضي صاحب ڏسندو تھ عربيءَ وارو اعرابن جو سرشتو سنڌيءَ ۾ اختيار ڪونھ ڪيو ويو آھي. وري قاضي صاحب چيو تھ ”سنڌيءَ ۾ حرف علت کي ٻٽي ڪرڻ جو رواج آھيئي ڪونھ.“ برابر پر سائين عربيءَ ۾ تھ حرف علت کي ٻٽي ڪرڻ جو رواج آھي. مثال طور عربيءَ ۾ السآ – عآ تجليٰ، ٠جز عـ عم صفح 38) ۽ سنڌيءَ ۾ بھ اعليٰ، تعاليٰ، معنيٰ جھڙا لفظ آھن، جن ۾ حرف علت کي ٻٽو ڪيو ويو آھي، انگريزيءَ ۾ تھ ھڪ ٻئي پٺيان ٻھ ٽي حرف علت گڏ اچن ٿا. پوءِ جي سنڌيءَ ۾ ي حرف علت ھيٺان ھڪ اعراب تھ آئي تھ ڪھڙو اصول ٽٽو؟ تنھن کانسواءِ چيئرمن صاحب جي چوڻ موجب ي ۾ جي حرف علت ٻٽو ٿئي ٿو تھ چئبو تھ زير بھ حرف علت آھي. ( ھئن بھ اچار ڏيڻ ڪري حرف علت ٿيو)، انھيءَ موجب ٻھ زيريون جنکي تنوين ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو، سي بھ ٻٽو حرف علت ٿيون ۽ انھن کي اچارڻ جي طاقت ھيڪاري رڳو ي کان بھ زياده آھي ”ين“ جئن تاءِ، ساءِ وغيره اھو نمونو، جو عربيءَ ۾ مروج آھي ۽ سنڌيءَ ۾ بھ اڳي عام جام ڪم ايندو ھو ۽ بعضي ھاڻي بھ پيو اچي، سو ٻھ حقيقتون ٿو ڏيکاري: ھڪ اھا تھ حرف علت ٻٽو ٿئي ٿو: ٻي اِھا تھ جيئن مسٽر جيٽلي ٻڌايو تھ سنسڪرت ۽ سنڌيءَ جي نيم پٽاندر اِ + اِ گڏجي اي ٿئي ٿو. ھن مان ڏسبو تھ شايد خود عربيءَ ۾ بھ اھو رواج سنسڪرت تان ٿي آيو ھجي، رڳو انھي خسيس تفاوت سان تھ پٺيان نون غني جو آواز ڏئي. مسٽر مولچند منگھومل واسواڻي سنڌي اسڪولن جو سپروائيزر اعرابن جي درستيءَ جي وڪالت ھن طرح ڪري ٿو: ”ڪڙمي لفظ ۾ زير کي ي جي بدران م جي ھيٺان ڏيڻ گھرجي، ڇو تھ ڪنھن بھ لفظ يا پد جو پھريون اکر ضرور متحرڪ ٿيندو. مي ھڪ پد آھي، تنھنڪري زير ”م“ جي ھيٺان ايندي ۽ نھ ”ي“ جي.“ اصلي اصول ئي خد ساختھ يعني من گھڙيا بڻائي وٺن ٿا، چڱو ڀلا ”مي پد ۾ پٺيان ي آئي تھ بھ پھريون اکر (م) متحرڪ نھ ٿيو ڇا، م کي اچار يا آواز نھ مليو ڇا؟ ھيڪاري آواز ڏيڻ يا متحرڪ ڪرڻ جي ستياناس تھ تڏھن ٿي ٿئي، جڏھن ي کي زير ڏيڻ بدران م کي زير ڏيئي م ڪري پوءِ سکڻي ي ٿي پٺيان گڏجي، م جو اچار تھ زير سان م ٿيو وڌيڪ ي ملڻ سان م ي (ميھ) ڪرڻو آھي ڇا؟ ڇو تھ مسٽر لالچند ٿو چوي تھ ”اکر جنھن تي ڪابھ اعراب نٿي اچي، سو سمجھو تھ ساڪن آھي، ۽ انجو اڌ اچار ٿيندو.“ تنھنڪري م پٺيان جو ي جو اکر بنا اعراب آھي سو بھ اڌ ”ي“ ٿيو. پر ڇڏيو انھيءَ دليل کي، اوھانجي ڳالھھ تي ٿو اچان: ”پد جو پھريون اکر ضرور متحرڪ ٿيندو.“ بس اِھا ڳالھھ آھي نھ؟ ما، مو، مي، انھن ٽن پدن ۾ بھ پھريون اکر ميم متحرڪ نھ ٿيو ڇا؟ اوھان جي اصول موجب تھ نھ ٿيو، اعراب آئي ئي ڪانھ، سو ساڪن رھجي ويو! ھاڻي وارو ڪيو، ٽن اعرابن مان ڪا نھ ڪا اعراب زبر يا زير يا پيش ميم تي ھيٺان يا مٿان ڏيئي وٺو. اڃا وجھھ ويو ڪينھي! اڃا بھ جي چئو تھ عربيءَ ۾ ما لکبو تھ ما آھي، تھ باقي مو ۽ مي لکبا ڪئن آھن؟ حقيقت ۾ اي ۽ او اچار عربيءَ ۾ آھن ئي ڪونھ، تنھنڪري تھ انھن جي اچاريندڙ ”ي“ کي (ي) مجھول ۽ ”و“ کي ”و“ مجھول (اڻ ڄاتل چوندا آھن. اوھان جي رٿ آھي تھ سنڌيءَ م معروف لاءِ (ي) لفظن سان ۽ مجھول لاءِ (ي) بنا نقطن بنائجي. پر (و) لاءِ اوھانجي ڪابھ رٿ نھ آھي، ڇو تھ واو کي نقطو آھيئي ڪونھ، تنھنڪري اوھان جي رٿ بھ سچو مونجھارو نھ لاٿو. سچو مونجھارو؛ 1905ع کان اڳ، جي درسي خواھھ ٻيا ڪتاب ڇپيل ھئا تن ۾ مونجھارو ھو. ڪن ۾ (اِي ۽ او) انھيءَ طرح ۽ ڪن ۾ (اي ۽ اؤ) ھن طرح پي لکڻ ۾ آيو. ٻاراڻي ۽ پھرئين ڪتاب کانسواءِ ٻين ڪتابن ۾ اڪثري اعرابن ڏيڻ جو ضرور ڪونھ ٿو پوي، ڇاڪاڻ تھ بنا اعرابن ئي صحيح پڙھڻ تي ھري وڃجي ٿو، (و) معروف ۽ (و) مجھول يعني او يا او پيش سان لکڻ جو بھ گھڻو ضرور ڪونھ ٿو ٿئي، ڇو تھ (و) معروف ڪي ٿورا آھن؟ جي ھونئن بھ آسانيءَ سان پڙھيا وڃن ٿا، (ي) معروف ۽ ي مجھول ھر ڪنھن ڪتاب ۾ ضرور لکڻا پون ٿا، جي نھ لکبا تھ جملو پھريائين شايد غلط بھ پڙھيو وڃي ۽ پوءِ وري موٽ کائي برابر پڙھڻو پوي، تنھنڪري ضروري ھو تھ ڪا ڇاپي ۾ لوھي ي معروف ۽ ي مجھول مقرر ڪري ڇڏجي، جا ڪنھن صحيح وصف ھيٺ برابر بھ ھجي،، اھا صحيح وصف ھيءَ آھي:- ”ا، و، ي حرف علت تڏھن آھن، جڏھن پاڻ نھ اچارجن، پر اڳيان ايندڙ لفط کي اچارين، ۽ حرف صحيح تڏھن آھن جڏھن پاڻ اچارجن.“ انھيءَ وصف ھيٺ ڏھھ اکري ڪڪ ھن طرح بِھي ٿي: ا، آ، اِ، اي، ا، او، اي، اي، او، او اي يا شي ۾ الف يا ش تي زير ڏنل آھي، ڇو تھ پھريائين سڌو الف يا ش جو اچار ٿئي ٿو، اھڙيءَ طرح او ۾ بھ، يعني اھي اوچار يڪا نھ آھن، پر ٻٽا آھن. 1905ع کانپوءِ اھو نمونو سڀني درسي خواھھ ٻين ڪتابن ۾ اختيار ڪيو ويو. انھيءَ طرح ڪنھن بھ اصول ڊاھڻ کانسواءِ مونجھارو لھي پيو. گرامر موجب بھ ھئن چئبو: ”سنڌيءَ ۾ ا، و، ي ٽي حرف علت آھن، پر (و) حرف علت ٻن نمونن جو آھي ھڪ مجھول = و ٻيو معروف = ؤ. پڻ (ي) حرف علت ٻن نمونن جو آھي. ھڪ مجھول = ي، ٻيو معروف = ي. انھيءَ ڪري ڇاپي ۾ ڪيڏي نھ سھوليت ۽ ڪفايت ٿي. ٻھ (و) ۽ ٻھ ي اکر اصلي لوھي ٽائيپ جا ٺھرائي ڇڏبا، جي سڀڪنھن ڪتاب ۾ پيا ڪم ايندا. نھ تھ ھاڻوڪي ڦيرايل نموني موجب زير يا پيش اڳين اکر تي ڏيڻ لاءِ ڌار سٽ ڇڏڻي پوي ھا، جنھن لاءِ پريس جي تڪليف بھ وڌي ھا ۽ ڇپائيءَ جو خرچ بھ ۽ جاءِ وڌيڪ سيڙائڻ ڪري ھڪ صفحي ۾ سٽون بھ ٿوريون ماپن ھا، جنھنڪري ڪتاب جو قد بھ وڌي ھا. يا ”ي“ ۽ .و“ معروف لکڻ ئي بند ٿي وڃن ھا ۽ پڙھڻ ۾ مونجھارو ٿئي ھا. جنھن ٻوليءَ کي ڇاپي جو ڪفايت ۽ سھوليت نھ آھي، سا واڌارو بھ خير ڪو ڪندي. ھاڻو بدلايل سرشتو، جنھن کي خسيس تيلي ڪري چوڻ ۾ اچي ٿو، سو درحقيقت تيلي نھ آھي، پر ھڪ شاھي ٿنڀو آھي، جنھن جا نتيجا تھ ڏسو: 1. سڀ (ي ۽ ؤ) معروف جي لکڻ جي تعداد ۾ پريسن ۾ موجود آھن، سي اجايا ويندا. 2. ھزارھا ڪتاب جي ھيل تائين نڪري چڪا آھن، سي منسوخ ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تھ 9 جنوري 1941 واري الوحيد جي 19 صفحي تي ڏيکاريل آھي: ”ھيءَ واويلا انھيءَ ڪري ئي اٿي ھجي تھ شڪ نھ آھي، جو تازو تعليم کاتي وارن مصنفن کي آگاه ڪيو آھي تھ ڪتابن ۾ جي ھجي جون چوڪون (ھاڻوڪي نموني پٽاندر) ھونديون تھ ڪتاب منظور نھ ڪبا، شايد ڪي ڪتاب رد ٿيا ھجن.“ شايد ڪي ڪتاب ڇو، سڀئي رد ٿيڻ کپن، ھاڻي ايترا سارا انعامي، لئبرري، درسي وغيره ڪتاب رد ٿي ويندا! ۽ جي رد نھ ٿيا يا منظوريءَ جي لسٽ تان لھي نھ ويا، مگر قائم رھيا، يا ٻيا جيڪي لسٽ کان ٻاھر ھزارھا ڪتاب آھن، سي موجود رھيا تھ پڙھندڙ ٻن قسمن جون ھجيئون ڏسي پيا منجھندا. 3. ڇپائيءَ تي وقت، پورھيو، لاڳت ۽ تڪليف وڌندي، پنا بھ زياده کپندا. 4. پبلڪ جو ناراضپو بھ آئيندي الاجي ڪھڙا گول ڪڍي. 5. 35 سالن کان ھريل استعمال کي ناحق ٽوڙي نئين استعمال تي ھيرائڻو پوندو. 6. ايڏي ساري نقصان جي ڀيٽ م ٻئي طرف ڪو بھ اصولي يا ضروري يا طلب ڪندڙ فائديمند وزندار سبب آھيئي ڪونھ!!! ھيڪاري ڳرو وزن نھ پھرين طرف آھي. حاڪمو! ھلجو ھتي دامن سنڀالي خون کان کھ اندر اين رھھ کشتھ بسيار اند کربان شبا. (سانگي) اچار اچارن تي دليلبازي ڪرڻ ٻاراڻو کيل سمجھي مان ڇڏي ٿو ڏيان، اھا ڳالھھ ظاھر ثابتي آھي تھ ڪابھ ٻولي ڌارئي لفظ کي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ کان اڳ پنھنجو سڀاءَ ۽ گڻ منجھس وجھندي ۽ ضرور وجھندي، ڇاڪاڻ تھ ھوءَ زنده آھي. سنڌي ٻوليءَ جو اھو مخصوص گڻ آھي تھ سندس ھر ھڪ اکر، اچار يا آواز ھيٺ ضرور ايندو. جنھن لاءِ جزم وغيره جي ضرورت نھ ڄاڻي اھي ڪيترو وقت اڳي ڪڍي ڇڏيا ويا آھن. ڀلا نون سڌاريل درسي ڪتابن ۾ صبح جي ص کي ُ پيش ۽ ب کي ساڪن رکڻ سان جو صب بڻايو ويو آھي، سو ساڳي ھنڌ بيت ۾ مٽجي صبح ٿي ازخود متحرڪ ٿي وڃي ٿو. ”ٻيو ڪتاب سبق تيرھون“ بيت ”صبح جي چڱي مھل آھي گھڻي“ ص بُح جي = فعولن. مٽايل نموني موجب بيت مٽجي ”چڱي صبح جي مھل آھي گھڻي“ ٿئي ھا، اھڙيءَ طرح اڳتي: ”نشانيون صبح جون ٿيون ظاھر ٿين.“ ۾ بھ اھو حال آھي. سڌاريندڙ جي بيحد قابليت وري ڏسو ٽيون ڪتاب سبق اٺون: ”عقل ۾ اڪابر جي آھيو اوھين“ ھتي بھ جنھن ق کي ساڪن رکڻ لاءِ سعيو ٿيل، ھو سو متحرڪ ٿي ويو ع قل ۾ = فعولن، ٻيا مثال: ”وھائي اکين مان ٿو پاڻي گرم“ گرم = فعول، ”دنيا سان رک يار ياري ڪڏھن.“ ھن ۾ دنيا فعل مٽجي فعو ٿيو. اھڙا نون درسي ڪتابن جي شعرن ۾ ڪيئي لفظ آھن، جي عربي پارسي ھوندي بھ سنڌي ٿيو وڃن. ديوان گل مان، ديوان سانگي مان، شمس العما ميرزا قليچ بيگ جي شعرن مان اھڙا ڪيترا ئي لفظ پنھنجا قاعدا واري سنڌي ٻوليءَ جي قاعدن ھيٺ اچي ويا آھن، اھو انھيءَ ڪري جو سنڌ ۾ لفظ جو ھرھڪ اکر اچار ھيٺ اچي ٿو، جزم وارو يا ساڪن رھي نٿو سگھي. خود نئين ٻاراڻي ڪتاب ۾ ڌارين ٻولين جا لفظ جن ۾ سندن اصلوڪي صورت ۾ ڪي اکر ساڪن ٿين ھا، سي سڀ متحرڪ ڪيا ويا آھن، جئن تھ: ”حجم، حاڪم، حيوان، عينڪ، رٻڙ، ميز، قلم، ضامن ۽ ظالم ۽ صورت.“ پر سنڌي لفظ، جن جو سنڌيءَ ٻوليءَ جي سڀاءَ ۽ اصول موجب ھرھڪ لفظ متحرڪ ٿيڻو آھي، تن ۾ ڪي اکر ساڪن ڪيا ويا آھن، جيئن تھ: اک، آڱر، ڀولڙو، ڀڀ وغيره ڪھڙي اصول ھيٺ ائين ٿيو آھي، سو نھ آءُ ھاڻي سمجھي سگھيو آھيان ۽ نھ سؤ سال ھن کان پوءِ سمجھي سگھندس، ٻاراڻي ڪلاس ۾ پھرين پھرين ٻارن کي آواز سيکاربا آھن، جي بنا سر يا اعرابَ جي ڪئن اچاري سگھبا؟ خلقت ڦيري خِلقت ڇو ڪيو ويو؟ چي عربيءَ ۾ خلقت معنيٰ خلقڻ ۽ خِلقت معنيٰ خلق يا سرشٽي آھي. پر ياد رکڻ کپي اسين سنڌي مصدر خلقڻ مان ٿا ڪڍون ۽ نھ عربي مصدر مان صورتخطي: اھڙيءَ طرح ڪن لفطن جي صورت خطي بھ ڦيرائي ويئي آھي، جئن سمر بدران ثمر وغيره. اڙدوءَ ۾ گذر ۽ پتھ انھن ٻن لفظن جي چڪاس ڪندي ڏٺائون تھ اھي ٻئي صورت خطي ۾ غلط آھن. گذر ۾ گ نج پارسي آھي ۽ ذ نج عربي ائين ٿي نھ ٿو سگھي، تنھنڪري گذر لکڻ کپي، اھڙيءَ طرح پتھ ھندي لفظ آھي، جنھن جي پٺيان ھھ ھئڻ نھ کپي، پر پتا لکڻ کپي. توڙي اھا سمجھاڻي برابر ھئي تھ بھ رواج کي شرف ڏيئي گذر ۽ پتھ قائم رکيا ويا. ٽيون متو سنڌي سڀيتا (تھذيب) جي کوجنا؛ سنڌي سڀيتا جو مطلب وڏو ڪشادو آھي. مگر ھتي سندس دائرو قديم زماني جي ٻوليءَ کان وٺي اڄ جي چالو ٻوليءَ تائين آھي: سنڌي ٻولي، جا اڳوڻي زماني جي سنڌ جي اوج وقت ڏور ڏور ڏيھن ۽ ڏيساورن ۾ ڳالھائڻ ۾ ايندي ھئي ۽ جا اڄ تائين ھاڻوڪي سنڌ کان ٻاھر ڪڇ ڀڄ، توڙي ڪاٺياواڙ جي اتر طرف ڳالھائڻ ۾ اچي ٿي، تنھنجي کوجنا ڪرڻ. 1. سنڌ ۾ پھاڪو آھي تھ ٻارھين ڪوھين ٻي ٻولي، انھيءَ جو مطلب آھي تھ سنڌ جو سنڌ ۾ ڌار ڌار ھنڌن تي ڌار ڌار ڪي سنڌي جا لفظ ڪم اچن ٿا، انھن جي کوجنا ڪرڻ 2. اھي جھونا ڪلام جي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ درگاھن، بارگاھن ۾ يا جھونن شاعرن جي دستخطن ۾ يا ڪن ماڻھن جي ڪٻاٽن ۾ موجود آھن، سي ھٿ ڪرڻ ۽ ٿي سگھي تھ ڇپائڻ 3. سنڌي لفطن جا اصلوڪا بنياد يا اشتقاق ڳولي لھڻ 4. موجود اشتقاقن ۾ جي اڻ پورايون آھن، سي پوريون ڪرڻ 5. سنڌي ٻوليءَ جي ٻين قديم ۽ چالو ٻولين سان ڪھڙو ناتو آھي ۽ ڪھڙي ڏي وٺ ٿي آھي. 6. جھونائيءَ اندر نوائي ۽ نوائي اندر جھونائيءَ جو نظارو ڏسڻ ۽ نرنءِ (قبول) ڪرڻ. 7. جھونائي ۽ نوائيءَ مان سنڌي ساھت جو ڀنڊار ڀرپور ڪرڻ 8. سنڌي ساھتيھ جي قديم شيواڌارين (خادمن) جون سوانح عمريون ھٿ ڪرڻ، ڇپائڻ ۽ سندن يادگار ملھائڻ. تکي تاڻ؛ ٿي ٽٽي تار تنبوري جي تکيءَ تاڻ ڪري، تار انڀو ٿي ٽٽي محض گھڻيءَ ڄاڻ ڪري. گھڻيءَ ڄاڻ جي تاڻ ايڪتا تنبور تي ٻنھي طرفن کان ٿي رھي آھي. تار جي طاقت کي وڌيڪ تاڻ ھندو. مسلم سازيءَ جو ساز ميلاپ جو مٺڙو آواز ڏيڻ بدران تاڻيل تار سبب شال نھ ٽٽي! رعايت سان ڍر ڏيئي، تار ڍريري ڪرڻ ٻنھين پاسن ضرورت آھي. ڪنھن کي بھ ڪنھن جي نيڪ مقصدن کي بدگمانيءَ سان ڏسڻ نھ گھرجي.. صوفي سنڌ جا مشتاق ڪن ساھت جي سندر ساز مان سريلي سر وارو ميلاپ جو مٺو گيت ٻڌڻ لاءِ ھميشھ ھيراڪ آھن. ھن ڏکئي ويلي، ڪو ڪرامتي ڪلا ڌاري اچي سر چاٻين کي ابتو ڦيرو ڏيئي ڍريرو ڪري ساز بڻائي. اھڙو ملھائتو ۽ مھلائتو ھتي ڏيندڙ ھٿ، ھارائي ڏيندڙ نھ، کٽي ڏيندڙ نھ، بلڪ بڻائي ڏيندڙ ھٿ چئبو.