جت ويڄ نه طبيب

ڪتاب جو نالو جت ويڄ نه طبيب
ليکڪ ڪئرل ٿومئن ۽ جَين مئڪسويل
سنڌيڪار / ترتيب ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-71-0
قيمت 600    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (258) PDF  E-Pub
انگ اکر

26 August 2019    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     2666   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران مشهور انگريزي ڪتاب “Where There Is No Doctor” جو سنڌي ترجمو ’جت ويڄ نه طبيب‘ پيش ڪري رهيا آهيون، جيڪو سنڌيءَ ۾ سائنسي ادب جي حوالي سان معروف مصنف ۽ مترجم جناب علي مرتضيٰ ڌاريجي ترجمو ڪيو آهي. جيئن اصل مصنف ۽ مترجم لکيو آهي ته هيءُ ڪتاب عام ماڻهن، خاص ڪري ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙيءَ جي ماڻهن لاءِ ڪارائتو ڪتاب آهي، جن کي ڊاڪٽر ۽ اسپتالون ميسر ناهن يا کانئن گهڻيون پري آهن. هي ڪتاب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اتان جي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪوآهي ۽ هن ڪتاب جي مصنف ۽ پبلشر عوامي سهولت ۽ انساني خدمت جي جذبي کان اها عام اجازت ڏئي ڇڏي آهي ته جيڪو به چاهي، ان کي نه صرف ترجمو ڪري سگهي ٿو بلڪ پنهنجي ملڪ ۽حالت جي گهرج مطابق ان۾ ضروري سڌارا واڌارا به ڪري سگهي ٿو. مون جڏهن پهرين ڀيرو هي ڪتاب پڙهيو ته ان جي اهميت جي احساس سان گڏ خيال آيم ته ڪٿي ائين نه ٿئي ته گهٽ پڙهيل اٻوجهه ماڻهو هن ڪتاب مان دوائون ڏسي، ڪا پنهنجي ڊاڪٽري هلائيندي (سيلف ميڊيڪشن ڪري) ڪو نقصان نه ڪري ڇڏين، خاص ڪري اينٽي بايوٽڪ دوائن لاءِ مون هميشه پنهنجي ٻارن جي ڊاڪٽر کان اهوئي ٻڌو آهي ته اهي پاڻ شروع نه ڪرائڻ گهرجن. انهيءَ ڳالهه کي ذهن ۾ رکي مون پنهنجي واقفڪار ڊاڪٽرن سان مشورو ڪيو، جن پڻ هن ڪتاب جي اهميت جو احساس ڏياريو، تنهن هوندي به بيمارين ۽ دوائن وغيره جي تصديق ۽ پنهنجي ملڪ ۾ انهن جي صورتحال ۽ جديد دور ۾ ميڊيڪل سائنس جي ميدان ۾ ٿيل تحقيق جي روشنيءَ ۾ هن ڪتاب تي ماهراڻي نظر وجهڻ لاءِ ڪنهن ماهر ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ ۽ ضروري ايڊٽنگ جي گهرج محسوس ڪئي وئي، ائين هي ڪتاب محترم ڊاڪٽر محمد بخش ڀرڳڙيءَ نه صرف ايڊٽ ڪري ڏنو، پر ڪيترين بيمارين ۽ دوائن جا مقامي نالا ۽ جديد دوائن بابت معلومات شامل ڪئي. گهڻوڪري سمورن ڊاڪٽرن اهو چئي اطمينان ڏياريو ته ڪنهن ڳوٺ، ننڍي شهر يا وڏي شهر جو ڪوبه عام ماڻهو هن کي استعمال ڪونه ڪندو آهي، بلڪ اهو هيلٿ ورڪرس (دايون، ليڊي هيلٿ ورڪرس ۽ نرسون وغيره) ۽ ڪميونٽي ميڊيسن جي حوالي سان ڪم ڪندڙ ڪارڪنن جي ضروري ڄاڻ ۽ سکيا لاءِ هڪ نهايت ڪارائتو ذريعو آهي. جڏهن ته عام صحت جي اصولن، بيمارين جي ڄاڻ، انهن کان بچاءَ ۽ اپاءَ وغيره توڙي فرسٽ ايڊ ۽ گهريلو ٽوٽڪن ذريعي علاج جي سلسلي ۾ عام ماڻهن جي به سٺي رهنمائي ٿئي ٿي. انهن سمورن مقصدن کي سامهون رکي هيءُ ڪتاب پڌرو ڪيو ويو آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته ان مان صحت جي شعبي سان لاڳاپيل فردن ۽ عام ماڻهن کي ضرور لاڀ حاصل ٿيندو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ سائنسي ادب جي حوالي سان به اهو هڪ سٺو اضافو ثابت ٿيندو. ڊاڪٽر فھميده حسين چيئرپرسن سنڌي لئنگئيج اٿارٽي