اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب ٻيو)

ڪتاب جو نالو اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب ٻيو)
ليکڪ ڊاڪٽر فھميده حسين
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-92-5
قيمت 30    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (444) PDF  E-Pub
انگ اکر

24 September 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     40153   ڀيرا پڙهيو ويو

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شخصيت


شاهه عبداللطيف ڀٽائي نه صرف سنڌ ۽ پاڪستان جو، پر دنيا جي وڏن شاعرن مان هڪ شاعر آهي.  سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”شاهه جو رسالو“ سڏجي ٿو، سندس ڪلام سُرن ۾ ورهايل آهي. هر هڪ سُر ۾ ڪيترائي بيت ۽ وايون  آهن، جن ۾ شاهه سائينءَ دين ۽ دنيا جي بهتر زندگي گذارڻ لاءِ سهڻا سبق سمجهايا آهن.

شاهه عبداللطيف  نه رڳو پنهنجن استادن، بزرگن، صوفي سالڪن ۽ جوڳين
سامين جي صحبت مان گهڻو ئي علم پِرايو، پر هو پاڻ سان هر وقت قرآن شريف، مثنوي مولانا  جلال الدين رومي  ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري  جو رسالو  کڻندو هو، جيڪي سندس علم جي واڌاري لاءِ ڪتب ايندا هئا. شاهه صاحب سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان سواءِ ٻين پاسن جو پڻ سير ڪيو ۽ اتي جي ماڻهن ۽ ماڳن مان گهڻي ڄاڻ حاصل ڪئي،  جنهن کي هن پنهنجي رسالي جي بيتن ۽ واين ۾ بيان ڪيو آهي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام سندس سهڻي سيرت جو آئينو آهي. سندس طبيعت ٻاجهاري، عادتون نيڪ ۽ اخلاق اعليٰ هو. هو سادو کائيندو ۽ سادو پائيندو هو. اجائي وڏائيءَ کان پاسو ڪندو هو. اُن ڪري عام ماڻهو سندس تمام گهڻي عزت ڪندا هئا. هن پنهنجي ڪلام ۾ اهڙن سمورن گُڻن جي ساراهه ڪئي آهي، جن سان انسان پنهنجي زندگي سنواري سگهي ٿو. انهن مان سڀ کان وڏو گُڻ هُو  انسانن سان پيار ۽ محبت سان رهڻ ۽ هڪ ٻئي سان نوڙت ۽ عاجزيءَ سان پيش اچڻ کي سڏي ٿو.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي، تمام وڏو وطن دوست هو ۽ پنهنجي وطن ۽ اُن جي رهواسين سان بيحد محبت ڪندو هو. سندس وطن دوستي ۽ ساڻيهه جي سڪ جو احوال اسين سندس رسالي  جي ”سُر مارئيءَ“ ۾ پڙهي ۽ ڏسي سگهون ٿا. شاهه سائينءَ کي پنهنجي سنڌي ٻوليءَ سان به تمام گهڻي محبت هئي، ان ڪري هن ڌارين جي ٻولين کي ڇڏي پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ شعر چيا.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ کي مختلف سُرن ۾ ورهايوآهي، جن ۾ هن سنڌ جي ڪيترين لوڪ آکاڻين ۽ انهن جي ڪردارن جا مثال ڏئي، سٺي انسان بنجڻ جو سبق سيکاريو آهي.

 

 

بيت : 1

ويٺي جِنين وَٽِ، ڏُکندو ڏاڍو ٿئي،

سا مجلس ئي مَٽِ، جي حاصل هوءِ هزارَ جو!

جنين وٽ:

جن وٽ، انهن وٽ

 

مجلس:

ڪچهري، محفل

ڏکندو:

  ڏک، تڪليف، سُور

 

مَٽِ:

مٽاءِ، بدلاءِ

ڏاڍو:

گهڻو، وڌيڪ، ججهو،  سخت

 

هزار:

هزارن ۾، تمام گهڻو

بيت جي سمجهاڻي

هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ”سُر يمن ڪلياڻ“ مان چونڊيو ويو آهي. هن بيت ۾ شاهه صاحب اسان کي سمجهايو آهي ته انسان کي اهڙي ڪنهن ماڻهوءَ جي سنگت ۾ نه ويهڻ گهرجي، جتي وڃي خوشيءَ بدران ڏک ۽ تڪليف ملي يا دل آزاري ٿئي. ماڻهوءَ کي اهڙي ماحول کان دور رهڻ گهرجي،  پوءِ ڀلي کڻي اُن مان ڪو مالي فائدو ڇو نه ملندو هجي.

 

  • ●●

 

بيت: 2

ويٺي جِنين وَٽ، ڏُکندو ڏورِ ٿئي،

تون تنين سين ڪٽِ، اوڏا  اڏي پَکڙا.

جنين وٽ:

جن وٽ، انهن وٽ

 

ڪٽ:

گذار، گڏ ويهه

ڏُکندو:

ڏک، تڪليف

 

اوڏا:

ويجها، ڀرسان

ڏور ٿئي:

پري ٿئي، ختم ٿئي

 

اَڏي:

ٺاهي، جوڙي

تنين سين:

تن سان، انهن سان

 

پَکڙا:

گهرڙا، جهوپڙا

بيت جي سمجهاڻي

هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ”سُر يمن ڪلياڻ“ مان چونڊيو ويو آهي. هن بيت ۾ شاهه سائينءَ سمجهايو آهي ته اهڙا ماڻهو جن جي سنگت ۾ ويهي ڏک ڏور ٿين ۽ خوشي حاصل ٿئي، انهن جي ويجهو گهرڙو ٺاهي، اُنهن جي صحبت ۾ زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. مطلب ته همدرد ۽ نيڪ  ماڻهو هجن ۽ ماحول به سٺو هجي ته انسان کي اُنهن سان گڏجي گهارڻ گهرجي.

 

  • ●●

 

بيت: 3

مُحبت پائي مَنَ ۾، رَنڍا روڙيا جِن،

تِن جو صَرافن، اڻتوريو ئي اگهائيو.

رنڍا:

سُٽَ جون ٿلهيون تندون، خراب سُٽُ

 

صراف

پارکو ، سون يا سُٽ جو پرکيندڙ

روڙيا:

ڪتيا، تندن کي لسو ڪيو

 

اڻتوريو:

اگهائيو:

بنا تورڻ جي

قبول ڪيو

صرافن:

پارکو ماڻهن، سون يا سُٽ جا پرکيندڙ

 

 

 

بيت جي سمجهاڻي

هي بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ”سُر ڪاپائتيءَ“  مان چونڊيو ويو آهي. هن بيت ۾ شاهه سائين اُن ڳالهه جي خاطري ٿو ڏياري ته جيڪڏهن ماڻهو پنهنجو ڪم پيار، محبت ۽  من جي سچائيءَ سان  ڪندو ته ان ۾ ٿوري گهٽتائي هوندي ته به اهو ضرور قدردانن وٽ قبول پوندو.  باقي بي دليءَ سان ڪيل ڪم ۾ اها خوبي ڪا نه هوندي آهي، جيڪا ٻين جي دل کي وڻي ۽ اهي ان کي قبول ڪن.

  • ●●

 

بيت: 4

پاڇاهِي نه پاڙيان، سَرتيون سُئيءَ ساڻ،

ڍڪي اگهاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ،

ٻيهر ڄاپِي ڄاڻ، اِبرَ جي اوصافَ کي.

پاڇاهي:

بادشاهي، شاهي شان

 

ڄاپي:

ڄمي، جنم وٺي

پاڙيان:

برابر ڪريان

 

ڄاڻ:

معلوم ڪر

سرتيون:

سهيليون، جيڏيون

 

اِبر:

سُئي (سبڻ واري سُئي)

ڍڪي:

ڪپڙا پارائي

 

اوصاف:

خوبي، گُڻَ

 

بيت جي سمجهاڻي

هي بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ”سُرمارئيءَ“  مان چونڊيو ويو آهي. هن بيت  ۾ شاهه سائينءَ  سُئيءَ جهڙي ننڍڙي شيءِ جي ساراهه ڪئي آهي ۽ چوي ٿو ته سُئيءَ جي وڏائيءَ  سان بادشاهي شان  کي به برابر نه ٿو سمجهان. سُئيءَ جي وڏائي ۽ رتبي کي سمجهڻ لاءِ هيءَ عمر ٿورڙي آهي، ٻيو جنم وٺي اچي سُئيءَ  کي سمجهڻو پوندو،  ڇو ته اها پاڻ ڍڪڻ بدران ٻين جا ڪپڙا سبڻ جو ڪم ڪري ٿي. هن بيت مان اهو سبق ملي ٿو ته انسان کي پاڻ وساري ٻين  جي خدمت ڪرڻ گهرجي.

  • ●●

 

بيت: 5

چڱا ڪَن چڱائِيون، مَٺايون مَٺن،

جو وَڙُ جُڙي جِن سين، سو وَڙُ سيئي ڪن.

مَٺايون:

برايون، خرابيون

 

جُڙي:

سونهي، ٺهي

مَٺن:

بُرائي ڪندڙن، خراب ماڻهن

 

سيئي:

اُهي ئي، سي ئي

وڙ:

سُلوڪ، ورتاءُ

 

 

 

بيت جي سمجهاڻي

                هي بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سُر ”سِريراڳ“ مان ورتو ويو آهي. هن بيت ۾ شاهه سائينءَ  اسان کي ٻڌايو آهي ته جيڪي سٺو اخلاق رکندڙ چڱا ماڻهو هوندا آهن، اهي هميشه ٻين سان چڱائي ڪندا آهن ۽ سٺو سُلوڪ ڪندا آهن، پر جيڪي خراب يا  بُرا ماڻهو هوندا آهن، انهن جو ورتاءُ ۽ سلوڪ ٻين سان سٺو ڪو نه هوندو آهي. سچ ته هر ماڻهو پنهنجي اخلاق ۽ هلت مان پڌرو هوندو آهي ته اهو چڱو آهي يا برو.

 

  • ●●

 

بيت: 6

کَمُ! کَمندَنِ کَٽيو، هارايو هُوڙَنِ

چَکيو نه چُوندنِ، هو جو ساءُ صَبرَ جو.

کَم:

سَھُه، بخش ڪر

 

چُوندن:

چوڻ وارن، ڳالهائيندڙن

کمندَنِ:

سَھڻ، صبر ڪرڻ، بخش ڪرڻ

 

ساءُ:

سواد، ذائقو

هوڙَنِ:

هوڏ ڪندڙن،

ضد ڪرڻ وارن

 

 

 

بيت جي سمجهاڻي

هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ”سُر يمن ڪلياڻ“ مان ورتو ويو آهي. هن بيت ۾ شاهه سائينءَ اسان کي صبر ۽ برداشت ڪرڻ جو سبق ڏنو آهي. هو چوي ٿو ته اي انسان! تون صبر ڪر ۽ بخش ڪرڻ سک، ڇو جو صبر ڪرڻ وارو هميشه کٽيندو آهي، باقي جيڪي اجائي هوڏ ۽ ضد ڪندا آهن، اهي هميشه هارائيندا آهن، اجايو ڳالهائيندا آهن، انهن کي صبر جي مٺي ذائقي جي خبر ئي ڪانهي. شاهه صاحب اهو ٿو سمجهائي ته ”صبر جو ڦل مٺو هوندو آهي“.

  • ●●

 

بيت: 7

پِريان سندي پارَ جي، مڙئي مِٺائي،

ڪانهي ڪَڙائي، چَکِين جي چيتِ ڪري.

پريان:

پرين، سچو دوست، محبوب

 

ڪڙائي:

ڪڙاڻ، برائي، خرابي

مڙيئي:

سموري، سڄي

 

چيت:

هوش، ڌيان، خيال

مٺائي:

مٺاڻ، محبت سان ڀريل، چڱائي

 

 

 

بيت جي سمجهاڻي

هي بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي پهرئين سُر”ڪلياڻ“ مان ورتو ويو آهي. هن بيت ۾ شاهه سائين اسان کي ٻڌائي ٿو ته جيڪي اسان جا سچا دوست هوندا آهن، اهي اسان لاءِ چڱو سوچيندا  آهن ۽ اُنهن وٽان اسان کي مٺا ٻول ملندا آهن. اهي ڪڏهن به ڪا برائي يا ڪڙي ڳالهه ڪانه ڪندا آهن. اها ڳالهه اسان کي گهڻي ڌيان ۽ هوش ڌارڻ سان سمجهه ۾ ايندي.

هن بيت ذريعي شاهه صاحب اهو به پيغام ڏنو آهي ته الله سائين اسان جو سچو محبوب ۽ سڄڻ آهي ۽ اهو هميشه اسان جي لاءِ بهتر فيصلو ڪندو آهي.اها ڳالهه اسان کي چڱيءَ طرح سمجهي ڇڏڻ گهرجي.

 

  • ●●

 

مشق

 

I              سوال:

  1. شاهه صاحب ڪهڙن ماڻهن جي صحبت ۾ ويهڻ لاءِ چيو آهي؟
  2. شاهه صاحب ڪهڙن ماڻهن وٽ ويهڻ کان منع ڪئي آهي.
  3. اسان کي پنهنجو ڪم ڪهڙي طريقي سان ڪرڻ گهرجي؟
  4. اسان کي سُئيءَ کان ڪهڙو سبق سکڻ گهرجي؟
  5. شاهه صاحب صبر ڪرڻ وارن لاءِ ڇا چيو آهي؟

II            هيٺ ڏنل لفظن جا ضد لکو.

لفظ

ضد

لفظ

ضد

اوڏا

 

ڄاڻ

 

ننڊ

 

کٽڻ

 

محبت

 

مِٺائي

 

III          شاهه جي بيتن ۾ ڪامياب زندگي گذارڻ لاءِ ڏنل هدايتون/ڏسُ پنهنجي لفظن ۾ لکي اچو.