برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو (LINGUISTIC SURVEY OF INDIA)

ڪتاب جو نالو برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو (LINGUISTIC SURVEY OF INDIA)
ليکڪ جي. اي. گريئرسن
سنڌيڪار / ترتيب ڊاڪٽر فهميده حسين
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-66-6
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (630) PDF  E-Pub
انگ اکر

12 September 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     60189   ڀيرا پڙهيو ويو

تعارفي نوٽ


هن جلد جي ٻنهي ڀاڱن جي تياريءَ جي مون اڪيلي سر ذميواري کنئي آهي، پر ان کي مختلف مرحلن ۾ تيار ڪيو اٿم، جن مان  ڪي حصا ڪيترائي سال اڳي تيار ڪيا  هئم، ۽ ڪجهه ٻيا وري بنهه هاڻي مڪمل ٿيا آهن. ان ڪري ، شايد، ڪٿي ڪٿي توازن جي کوٽ محسوس ٿيندي. جيتوڻيڪ مون ان کان بچڻ جي تمام گھڻي ڪوشش ڪئي پر خاص ڪري داردي ٻولين واري حصي ۾ ايئن ٿيڻ جو وڏو سبب اهو آهي ته اسين انهن ٻولين جي باري ۾ تمام گھٽ ڄاڻون ٿا. انهيءَ گروهه جون ڪي ٻوليون ته پهريون ڀيرو بحث هيٺ آيون آهن ۽ انهن جي باري  ۾ جيڪي ڪجهه لکيو ويو آهي اهو به گھٽ تڪليف سان هٿ ڪونه آيو آهي. سڀ کان  وڌيڪ اهم مثال: ’وسي ويري (Wasi-veri) ٻوليءَ جو آهي، جيڪا ڪافرستان جي مرڪز ۾ ڳالهائي ويندي آهي. سمورو مواد هڪ اڻ پڙهيل ڌنار کان حاصل ڪيو ويو آهي، جيڪو گھڻي ڳولا کان پوءِ هٿ آيو هو، ۽ جنهن کي پنهنجي ٻوليءَ کان سواءِ ڪا به ٻي ٻولي ڪانه ٿي آئي.

هي جلد ’هنزه نگر‘ (Hunza Nagar) جي ٻولي ’بروشڪيءَ‘ جي مختصر احوال تي ختم ٿئي ٿو. اها ڪنهن به طريقي داردي ٻولين سان لاڳاپيل ڪانهي، نه ئي هن سموري جائزي ۾ آيل ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ سان واسطو رکي ٿي. ان کي صرف جاگرافيائي سبب جي ڪري شامل ڪيو يو آهي، ٻيو وري انهيءَ ڪري به ايئن ڪيو اٿئون جو انهيءَ ٻوليءَ ڳالهائيندڙن جا وڏا، ڪنهن زماني ۾ ان سموري خطي تي قابض هئا، جتي هاڻي داردي ٻوليون ڳالهايون ٿيون وڃن.

 

 

جارج اي  گريئرسن                                                                                                                                    ڪيمبرلي

                                                                                                                                                                                          20، مارچ، 1915ع