ڪتاب جو نالو | سنڌي ٻولي (ڊسمبر 2016 ) |
---|---|
ليکڪ | پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 2519-9765 |
قيمت | 120 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | (787) PDF E-Pub |
انگ اکر | 12 April 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 329566 ڀيرا پڙهيو ويو |
ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي
]احمد آباد- ڀارت[
گجرات رياست ۾ سنڌي مضمون نويسي :
پنجاهه سالن جو جائزو: (2010-1960)
50 Years of Sindhi Essay Writing in Gujarat (India)
Abstract:
Sindhi essay writing has a distinct history. Many authors have proved their worth in essay writing both in Sindh & in India. Various essayists have helped glorify this form of literature. This form is loaded with heaps of knowledge. In India, essay writing actually started during birtish rule. This paper reviews Development of Sindhi essays across the Gujrat State during last five decades (1960-2010). Many of Sindhi writters still don’t understand difference between an essay & research article. These essays are about culture, History, Education, Literature, Sociology, Sindhology, Anthropology’s Linguistics & other fields. These essays are published in different magazines Sindhi news papers and books. Leela Ram Ruchandani, Gangaram Samrat, Bolchand Rajpal, Ram Lakhani, Keerat Babani, Haresh wasvani, Dr. Jetho Lalavani, Hiro Shevkani, Jethmal Parsram, B.H Advani, Sateesh Rohara, Kamla Goklani, Hashmat harvani, Inder Bhojvani, Dr. Roshan Golani, Jayant relvani, Vasdev Mohi & many other writers have contributed in Sindhi essay witting.
مضمون، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ايسي (Essay)چيو وڃي ٿو ، اهو فرانسيسي لفظ اسائي (Essia) جي انگريزي صورت آهي .فرانسيسي ادب جي ليکڪ ”مانئين1571“ڌاري پنهنجي مشاهدي جي آڌار تي مختلف عنوان کڻي ڪجهه رچنائون (لکڻيون) قلمبند ڪيون جنهن کي (Essia)هن نالو ڏنو ان طرف عالمن جو ڌيان ڇڪيو ۽ ”ايسي“ يعني مضمون جي صنف وجود ۾ آئي. مان ٽين جي ايسيز کان متاثر ٿي انگلينڊ جي هڪ عالم، فيلسوف بيڪن 1645-1597 تائين 85 کن مضمون لکيا، جيڪي انيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿيا. سنڌيءَ ۾ انهن جو ترجمو مرزا قليچ بيگ ”مقالات الحڪمت“ نالي سان ڪيو. انگريزي ادب ۾ وليم ڪارن والس (1660)مضمون نگاريءَکي وڌيڪ مقبوليت ڏني .(1)
مضمون نويسيءَ جي وصف پڻ جدا جدا عالمن پنهنجي پنهنجي ڍنگ سان ڏني آهي، فرانسيسي مصنف”ماٽين“ مضمون کي ذاتي تصوير سڏي ٿو. هن جي مضمونن ۾ سندس شخصيت جي آئيني ۾ فيلسوفاڻي رنگ ۽ اخلاقي سبق ملن ٿا. بيڪن جي مضمونن ۾ اخلاقي آموري ۽ زندگيءَ جو سبق مرڪزي مقصد آهي. اُن ۾ گهرو فيلسوفاڻو رنگ، ربط ۽ تسلسل به آهي. ارڙهين صديءَ ۾ مضمون کي زندگيءَ جي هر شعبي سياست، معاشرت، مذهب، ڌرم وغيره جو ترجمان بڻايو ويو. ان کانپوءِ مضمون نويسيءَ جا ٻه قسم ڄاڻايا ويا. پهرئين قسم جي مضمونن ۾سماجي، مذهبي، ادبي، ٻئي قسم کي شخصي مضمون چيو ويو. موضوع آندا ويا .
سنڌيءَ ۾ مضمون جي پهرئين قسم کي مقالو ۽ ٻئي قسم کي مضمون سڏيون ٿا.
مضمون سراسري طور داخلي شيءَ آهي جنهن ۾ ليکڪ جا پنهنجي شخصيت، سيرت بخش مشاهدا، تجربا، خيال، تصورات جهلڪندا نظر ايندا آهن. مضمون کي داخلي يا ذاتي نه ٿو سڏيو وڃي، اهو بلڪل درست آهي ته ادب جي هر شاخ داخليت کان وانجهيل نه آهي، پر مضمون جي داخليت ڪجهه مختلف نوعيت جي آهي، هن ريت فرق به نظر اچي ٿو، ٻين صنفن ۾ مصنف بحيثيت ليکڪ نظر ايندو آهي پر مضمون ۾ هو بحيثيت هڪ انسان معلوم ٿيندو آهي. ناول ۽ ڊارمي ۾ اديب جي شخصيت جو اهو حصو نظر اچي ٿو، جيڪو سندس ذهن ۽ فڪر سان تعلق رکي ٿو پر مضمون ۾ ليکڪ جي شخصيت جو اهو حصو اکرن ۾ اچي ٿو جيڪو ان جي خيالن ۽ نظرين سان گڏ فطرتي لاڙن سان پڻ لاڳاپو رکي ٿو.
مضمون، غزل جيان هڪ داخلي ۽ ذاتي شيءِ آهي پر ائين نه آهي ته اُن ۾ خارجي مضمون نه ايندو، ڇاڪاڻ ته فنڪار داخليت ۽ خارجيت جو پابند نه هوندو آهي. جديد غزل ۾ ڪيترن شاعرن خارجي رنگ ڀريو آهي. مضمون به هر اديب وٽ صرف داخلي چيز نه رهيو آهي پر ڪيترن اديبن معاشي ۽ معاشرتي مسئلا، واقعا ۽ ٻيون انيڪ ڳالهيون مضمون جي مخصوص رنگ ۾ بيان ڪيون آهن.
اسين ڄاڻون ٿا ته مضمون ساهت ادب جي هڪ خشڪ صنف آهي. مضمون جي وصف لاءِ انيڪ مونجهارا آهن ۽ ودوائن نقادن اُن جي جدا جدا نموني وصف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
انسائيڪلو پيڊيا برطانيڪا ۾ مضمون جي وصف هن ريت ڏنل آهي:
”ساهت جي هڪ شاخ جي حيثيت ۾ مضمون وچولي وِت جو هڪ اهڙو متن آهي جيڪو اڪثر نثر ۾ هوندو آهي ۽ جنهن ۾ سولي ۽ سرسري انداز ۾ ڪنهن موضوع تي ۽ در حقيقت اهڙي موضوع تي بحث ڪيو ويندو آهي، جنهن لکڻ واري کي متاثر ڪيو هوندو“(2) هن ۾ مضمون لاءِ ائين به چيو ويو آهي ته ڪن ليکڪن جا مضمون شخصي ٿين ٿا. سنڌيءَ جي برک مضمون نگار، اديب ناٽڪن جي ابي، پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ ڄاڻايو آهي ته: ”ناول ۽ ناٽڪ زندگيءَ جو آئينو آهن ته شعر ۽ مضمون شاعر يا ليکڪ جي شخصيت جو آئينو.“ پروفيسر پوپٽيءَ هيراننداڻي جي راءِ مطابق: ”تخليقي لکڻين لاءِ ڏات کپي، تنقيدي يا تبصراتي لکڻين لاءِ اڀياس ۽ محنت کپي. مضمون لکڻ لاءِ گهڻين ئي وصفن جو هجڻ ضروري آهي، ليڪن مضمون لکڻ لاءِ اديب جي پنهنجي محنت، ٻوليءَ جي ماهريت، اڀياس، مصنف جي دائره ۽ اصولن جي ڄاڻ ٽيڪنيڪي لفظن جي ڄاڻ هجڻ ضروري آهي“(3)
حاصل مطلب ته مضمون ۾ ترتيب، ربط، چٽائي هئڻ ضروري آهي، مضمون ۾ ٻولي موضوع سان ٺهڪندڙ لکڻ گهرجي. عام طرح نثر کي ۽ نثر ۾ قلم بند ڪيل ڪنهن به ٽڪر کي مضمون سڏيو وڃي ٿو .
ڪنهن مشهور مضمونن جي مجموعن ۾ مضمونن جي صنف هيٺ ڪهاڻي، ناولن ۽ آتم ڪٿائن جا ٽڪرا، درويشن، سنتن، اديبن ، فلاسافرن جا قول ۽ نصيحتون به شامل ڪيل آهن ته وري مضمون جي عنوان هيٺ ادبي تنقيد وارا ليک، تاريخ، سائنس، جيون ڪهاڻيون وغيره به شامل ڪيل آهن.
مضمون، نثر جي ڪسوٽي آهي، ڀارتي ادب ۾ مضمون لفظ جي ڪلپنا حقيقت ۾ انگريزي حڪومت وقت آئي آهي. فرانس جو ليکڪ مونٽن، مضمون جو جنم داتا سڏيو وڃي ٿو، جنهن1580 ع ۾ ڪجهه ليک لکيا ۽ اهي ايسيس نالي شايع ڪيا ۽ اِهو لفظ ادب ۾ Essayطور ڪافي مقبول ٿيو اُن کان اڳ جيڪي به ليک لکيا ويندا هئا، انهن کي ڪوشش پرک ۽ تجربو سڏيو ويندو هو. هن وقت پڻ Essay جي لغوي معنيٰ آهي ڪوشش، پرکڻ، نالو ڪنهن موضوع تي هڪ مختصر تحرير.(4)
سنڌيءَ ۾ اڃا تائين گهڻا اديب مضمون يا مقالي ۾ فرق نه سمجهي سگهيا آهن. مقالو، ادب جي اُها صنف آهي جنهن ۾ ليکڪ گهربل موضوع تي سنجيدگيءَ سان روشني وجهندو آهي ۽ پنهنجي بيان کي مستند بڻائڻ لاءِ پختا دليل ۽ موزون حوالا به ڏيندا آهن. مضمون ۾ ليکڪ ڪنهن شيءِ تي روشني وجهندو آهي پر اُها روشني رنگا رنگي هوندي آهي، روح کي راحت به ملندي آهي ته دلي سرور به حاصل ٿيندو آهي .مضمون ۾ اختصار جي ساختگي، زبان ۽ بيان جي لطافت، مقصد جي سولائي ۽ اديب جو فطري ۽ ذاتي لاڙو لازمي طور هوندو آهي.
سنڌيءَ ۾ جڏهن کان اخبار نويسيءَ جي ابتدا ٿي، تڏهن کا ن سنڌي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جو به آغاز ٿيو، ڇاڪاڻ ته شروع ۾ اخبار ئي مضمونن لکائڻ جو ذريعو بڻي. سنڌي ٻوليءَ ۾ اخبار نويسيءَ جي شروعات ”خورشيد“ اخبار جيڪا سکر مان1860ع ۾ جاري ٿي، اُن ۾ ٻه ڪالم نمائتا هوندا هئا، هڪ فارسيءَ جو ٻيو سنڌيءَ جو بعد 1866ع ۾ سنڌسرڪار جي تعليم کاتي”سنڌ سڌار“ نالي پندرهن ڏينهن رسالو شروع ڪيو جنهن ۾ تعليم بابت ليک شايع ٿيندا هئا.
پهريون مضمون جنهن ڪتابي صورت اختيار ڪئي اهو هو ديوان ڪوڙي مل جو ”پڪوپهه“ ،جيڪو1862ع ۾ شايع ٿيو. هن ۾ زناني تعليم جي فائدي ۾ قلمبند ڪيل هو. اُن کانپوءِ مخلتف عنوانن تي مضمونن جو پهريون مجموعو بيڪنس ايسز تان مرزا قليچ بيگ1877ع ۾ ”مقالات الحڪمت“ نالي شايع ڪيو اُن کانپوءِ سنڌيءَ ۾ ڪيترن ئي اديبن مضمون لکيا جيڪو سلسلو اڄ تائين قائم دائم آهي.(5)
منهنجي هن مقالي ۾ گجرات جي گذريل پنجاهه سالن جي مضمون نويسي، 1960ع کان وٺي 2010ع تائين جو مختصر جائزو پش ڪيل آهي.
ڀارتي رياست گجرات ۾ سنڌي مضمون نويسيءَ ڪافي ترقي ماڻي آهي. ان جو رچنا دائرو گهڻو وسيع آهي. مضمون نگارن مختلف قسمن جا مضمون لکي مضمون نويسيءَ کي اوج ڏني آهي .هيڏي عرصي ۾ هر هڪ مضمون نگار ۽ هر هڪ مضمون جي مجموعي ۽ ٽڙيل پکڙيل مضمونن جو مڪمل جائزو وٺڻ لاءِ هڪ جدا ڪتاب جي ضرورت آهي. ائين مان سمجهان ٿو محدود رهندي به مضمون نويسيءَ جي اوسر غور طلب آهي.
گجرات ۾ اخبارن، مخزنن ۾ درسي مضمون جدا جدا موضوعن تي شايع ٿيندا رهيا. هنن تعليمي مضمونن ۾ سترامداس سائل، ڪيرت مهرچنداڻي ۽ ٻيا ڪافي اڳرا رهيا، پر گجرات ۾ صحيح معنيٰ ۾ ادبي مضمونن جي شروعات بولچند راجپال، جيڪو سنڌ ۾ سنڌو مخزن شايع ڪندو هو، اُن احمد آباد مان نئين سر ”سنڌو“ شايع ڪرڻ سان شروع ڪئي، جنهن ۾ ڀارت ڀر جي برک مضمون نويسن جا مضمون مقالا ته شامل هوندا هئا، پر ليلارام رُچنداڻي، گنگارام سمراٽ جا ادبي، تواريخي، ٻوليءَ سان سرشار ٿيل تحقيقي مضمون به شايع ڪيا. سنڌوءَ ۾ فطري نظارن تي به مضمون آهن ته انساني زندگيءَ سان تعلق رکندڙ عنوانن تي به مضمون آهن ۽ گڏوگڏ ڪن مثالي زندگين کي به مضمون جي رنگ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ڪن مضمونن ۾ طنز مزاح جو رنگ به آهي خاص ڪري ليلارام رُچنداڻيءَ جي مضمونن ۽ گنگارام سمراٽ جي مضمونن ۾ اتهاس، سان گڏ اخلاقي درس به سمايل آهي.
”سنڌو“ رسالي ۾ شايع ٿيل مضمونن جو سلسلو اڳتي وڌندو رهي ٿو. بعد ۾ گجرات جي انيڪ اديبن سنڌي مضمون نويسيءَ تي ڪلڪراني )طبع آزمائي) ڪئي آهي. هن مقالي جي محدود وقت ۽ وشال عرصي پنجاهه سالن کي ڌيان ۾ رکندي غور طلب، ڌيان ڇڪائيندڙ مضمونن ۽ مضمون نگارن جو ذڪر ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويئي آهي.
مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ 1981ع ۾ ”بهترين سنڌي مضمون“ جو خاص شمارو ڪيرت ٻاٻاڻيءَ شايع ڪيو ، اُن جو ٻيو ڇاپو 1986ع ۾ شايع ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ 28 مضمون ڏنل آهن. جن ۾ گجرات جي ٽن اديبن ليلارام رُچنداڻيءَ جو ”سدا سونهارا سنڌي“ پروفيسر هريش واسواڻيءَ جو ”اڳ ۽ اڄ“ ۽ پروفيسر هيرو شيوڪاڻيءَ جو ”ايڪويهين صدي“ مضمون شامل ڪيل آهن.
”سدا سونهارا سنڌي“۾ اوائلي سنڌين جو دنيا ۽ ٻين ملڪن جي رهواسين سان واپاري ناتو ڪيتري قدر هو ۽ سنڌين جي سامونڊي سفر جو ذڪر ڪيل آهي سندس مضمون”اڳ ۽ هاڻي“۾ انسانيت، انسان تي زندگيءَ ۾ ڪهڙا بدلاوَ ۽ لاڙن جي ڦير ڦار، زندگي جي وقت پٽاندڙ بدليل مقصدن جو ذڪر آهي ته وري”وري ٻيو مضمون ايڪويهين صدي“پنهنجو پاڻ ۾ وگيان ،ٽيڪنيڪ، فني ترقيءَ جون نت نيون منزلون طئي ڪرڻ جو سلسلو وڌندڙ ڊوڙ جا اشارا ڏئي ٿو.
گجرات سنڌي ساهتيه اڪادميءَ طرفان 1990 ۾ ”بهترين سنڌي مضمون“ هيري ٺڪر جي ادرات ۾ شايع ٿيل آهن. ان شماري ۾ 22 مختلف مضمون شامل آهن گجرات جي سترامداس ’سائل‘ جو ”سنڌي ٻولي“ هيري شيوڪاڻيءَ جو ”سنڌي ڪٿا ساهت ۾ سنڌي جيون“ ڊاڪٽر ستيش روهڙا جو ”ڀاشا ۽ سنسڪرتيءَ جو سنٻنڌ“، ليلا رام رُچنداڻيءَ جو ”ڄيٺمل پرسرام“ ۽ ڀڳواندس دولتاڻي ’هوش‘ جو ”سامي ۽ رهسي واد فلسفو“ پنج مضمون شامل آهن، هر مضمون سنڌيءَ جي تاريخي مضمون جو هڪ نمونو آهي. هيري شيوڪاڻي جو مضمون مقالي جي قسم جو آهي اُن ۾ ”سنڌي ڪٿا ساهت ۾ سنڌي جيوت جو چتر“ بابت عالماڻي ڇنڊڇاڻ ڪيل آهي، ڊاڪٽر ستيش روهڙا جي مضمون ۾ انساني سماج جي ٻن اهم شعبن، ٻوليءَ ۽ سڀيتا تي روشني وڌل آهي، اُنهن کي سنڌي جاتيءَ جي حوالي سان چٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل آهي.
ڀگوانداس هوش جو مضمون صوفي مت ۽ رهسيه واد جي سمجهاڻي ڏئي ٿو. ليلارام، ڄيٺمل پرسرام سنڌيءَ جي جدا جدا مهان اديبن جي نظر ۾ هن جون خوبيون، نرالپ، سٻر ۽ ٻهڳڻي شخصيت کي پيش ڪيو آهي. گڏوگڏ ڄيٺمل پرسرام جي قلمبند ڪيل ڪتابن ،اُن مٿان شاهه، سچل، ساميءَ جي ٿيل اثر ۽ ڄيٺمل جي سنڌي ادب ۾ قائم مقام جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
اسين گجرات ۾ شايع ٿيل مضمونن جي ڪتابن تي نظر ڦيرائي ورهاست ڪريون ٿا ته اسان کي مضمونن جا قسم هن ريت ملن ٿا.
(1)سنڌ ۽ سنڌيت (2) تواريخي مضمون (3) ٻوليءَ سان لاڳاپيل مضمون (4)ساهتيڪ ادبي مضمون (5) سياسي مضمون (6)لوڪ ساهت مضمون (7) ڌرمي مضمون(8) شاهه سچل، سامي ۽ ٻين عالمن تي مضمون(9)تنقيدي مضمون ۽ (10)ڪلا ۽ ناٽڪ سان وابسط مضمون ۽ متفرقه مضمون.(6)
ورهاڱي بعد ڀارت ۾ سنڌ ۽ سنڌيت لاءِ تمام گهڻو چاهه پيدا ٿيو. ان موضوع کي کڻي ڪجهه مضمون هن ريت شايع ٿيا. هريش واسواڻيءَ جو ”رڪن جي دريافت“! ليلارام رُچنداڻيءَ جا ”چيٽي چنڊ جو مهتو“ ۽ ”سنڌي تلوار“، ڀڳوانداس دولتاڻيءَ جو ”سنڌيت ڏينهن چيٽي چنڊ“ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي جو ”چيٽي چنڊ جي اهميت ۽ سنديش“ وغيره سنڌ ۽ انهن جي ماڻهن جي ريتن رسمن جو ڪتاب آهي” سنڌ جا اڳوڻا هندو” ليکڪ ٽيڪچند تولارام تاراچنداڻي، اتهاسڪ مضمونن ۾ اسان کي گهڻي ۾ گهڻا مضمون گنگارام سمراٽ جا حاصل ٿين ٿا. سمراٽ سنڌ ۽ هند جي اتهاس تي قلم هلايو. هن جي تاريخي مضمونن جا ڪتاب آهن: ”ڀارت ورش“ (1965) جي تاريخ جا ٽي جلد ”آريه ورت“ ۽ ”ڀارت هندستان“ (1967)، سنڌ جي اِتهاس جو ”سنڌو سووير“ هن جي ٻولي جيتوڻيڪ خشڪ آهي پر عالم طبقي کي پڙهڻ ۾ ذهني سڪون حاصل ٿئي ٿو. گنگارام سمراٽ جا ڪجهه تواريخي مضمون جدا جدا مخزنن ۾ پڻ شايع ٿيل آهن. جن ۾ خاص آهي”چيني ساهت ۾ سنڌ“، ”پرڀاڪر ورڌن ۽ سنڌ“، ”ڪڇ ۽ سنڌ جا جت عربستان ۾“ وغيره.
گنگارام سمراٽ جي تاريخي مضمونن جا ٻيا مجموعا آهن: ۽ سڪندر هارايو! (1980) ۽ ڏاهر کٽيو! ( (1982 اڪبر هارايو پر...! (1983) شواجيءَ کٽيو پر! (1985) انهن ۾ اِتهاس سان واسطو رکندڙ مضمون گهٽ پر جاگرافي ۽ سڀيتا سان واسطو رکندڙ آهن. هي نج تاريخي مضمونن وارا ڪتاب نه آهن.
ليلارام رُچنداڻيءَ جا ڌيان ڇڪائيندڙ تواريخي مضمون آهن: ”مهراڻ جا موتي“، ”الور برهمڻ آباد“ ۽ ”ڀنڀور ڪيئن برباد ٿيو“؟” سنڌي پراچين اِتهاس جو ن ڪجهه جهلڪيون“ وغيره.
سنڌي ٻوليءَ کي کڻي هند، سنڌ ۾ جيترو کوجنا)تحقيق( جو ڪم ٿيو آهي، جتي ڀارت ڀر جي لسانيات جي ماهرن به ان موضوع تي ڪلڪراني ڪئي آهي، اُتي گجرات جا عالم پڻ ڪافي اڳرا رهيا آهن.
ڊاڪٽر ستيش روهڙا جو مضمون ”سنڌي پهاڪن جو ڀاشا وگيانڪ ۽ سماج شاستري اڀياس“، ”سنڌي ڀاشا جو بدلجندڙ روپ“، سترامداس سائل جو ”سنڌي ٻوليءَ جي هاڻوڪي حالت“ ڀڳوانداس دولتاڻيءَ جو ”ٻولي ۽ ادب قوم جا محافظ، ڪشن خوبچنداڻيءَ جو سنڌي ٻوليءَ جي مختصر واقفيت ليلارام رُچنداڻيءَ جي ”پراچين سنڌي ٻولي“ ،”سنڌي ۽ يوناني“ ”سنڌي ترڪي ۽ منگولي ٻوليون“ ”سنڌي ۽ گجراتي “”سنڌي ۽ مرهٽي“ ”سنڌي ۽ هندي “”وراچڙ جي وصف وغيره لسانياتي مضمون آهن پر ان کان سواءِ ليلارام جا سنڌي ٻوليءَ تي ٿيل معياري تحقيقي ڪتاب پڻ هي آهن: ”سنڌوءَ جي جهلڪ“ (1963) ”سنڌو درشن“ (1972)”سنڌي ٻوليءَ جو وڪاس“ (1977) ۽ ”سنڌي ٻولي“ (1989)
پروفيسر پوپٽي هيراننداڻيءَ جا ”ڀاشا شاستر“ تي ٻه ڪتاب آهن، جنهن ۾ ليلارام رُچنداڻيءَ جا به ڪجهه مضمون درج ڪيل آهن. شري ليلارام رُچنداڻيءَ جو ڌيان ڇڪائيندڙ مضمون آهي.”سنڌي ٻولي ۽ سنڌي لپيءَ جو سوال“ هتي اُهو به ذڪر ڪرڻ واجب ٿيندو ته ليلارام جا سنڌي ٻوليءَ تي قلمبند ڪيل جدا جدا مضمونن جا حوالا سنڌ جي ڪيترن ئي تحقيقي رسالن ۽ ڪتابن ۾ درج ٿيل آهن.
ادبي مضمونن جو پڻ تعداد تمام گهڻو آهي. هر صنف تي مضمون شايع ٿيا آهن. گهڻا مضمون معلوماتي ۽ معياري آهن. نندلال راماڻي جيڪو سنڌي ادب ۾ ڪجهه وقت سرگرم رهي،شانت ٿي ويو، اُن جا ڪجهه شروعاتي مضمون آهن: ”جديد سنڌي ڪهاڻي“ ۽ ”اڄ جو سنڌي ناول “ سٺا آهن.
جديد ادب جي ڏاهي علمبردار، نقاد، پروفيسر هريش واسواڻيءَ جا معياري ادبي مضمون، ڪوتا، ڪونج، رچنا ۽ ٻين ادبي مخزنن ۾ ڪافي مضمون شايع ٿيل آهن ته هن جو مجموعو” 84-40“ نالي سان به شايع ٿيل آهي جنهن ۾ ”آزاديءَ کانپوءِ سنڌي ڪهاڻي،“ ”جدت جي آسپاس سنڌي ڪهاڻي“، ”ڪويتا-نئين“ ۽ ”سنڌي هاڻوڪي غزل، اڄ جي حوالي ۾ نواڻ“ وغيره مضمون شامل آهن.
ليلارام چُنداڻيءَ جي مضمون جي ڳٽڪي ”سنڌي گلدستو“ ۾ درج ڪجهه مضمون هن ريت آهن. سنڌي ڪافي، سنڌي دوهو، سنڌ ۾ جوڳي مت، هو جمالو وغيره ”سٻون منجهه مهراڻ“ ڀڳوانداس دولتاڻي هوش جي مضمونن جو مجموعو آهي جنهن ۾ ”سنڌي وائي ۽ ڪافي“ هڪ عالماڻو مضمون آهي.
ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جي مضمونن جا مجموعا هن ريت آهن:
(1) ”ويچار“ (1980جنهن ۾ ”ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ادب ۾ طنز“، ”سنڌي ناري“ مضمون آهن (2) ”ادبي سرهاڻ “(1982)(3)ناٽڪ ڪلا جو وڪاس ڪتاب ۾ ”سنڌي ادب ۾ طنز“، 1947 کانپوءِ” سنڌي شاعريءَ ۾ ديش ڀڳتي“،” سنڌي ادب ۾ مذاق “”نڌي ناٽڪ نويسي-هڪ سرسري نظر“ جهڙا مضمون آهن (4) ”ادبي ويچار (1988)“ ۾ ”سنڌي ساهتيه پرمپرا“، ”سنڌي ادب ۾ پيشڪش جا تجربا“،”سنڌي ٻولي اهميت ،ضرورت ۽ ذميواري“ ۽ (5) ”ادبي غنچو (2010) ۾ ”آتم ڪٿائون- جيون ڪهاڻي“، ”گذريل ڏهاڪي جو سنڌي ادب جو جائزو- ناٽڪ“ وغيره مضمون ساهتيڪ ڍنگ جا مقالا قسم جا مضمون آهن. هن جا مضمون نويسيءَ تي 15 کان وڌيڪ ڪتاب لکيل آهن، ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جي مڪمل پورهئي تي تحقيقي ٿيسز لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري پڻ ورتي آهي.
ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جي مضمونن لاءِ بقول پروفيسر پوپٽي هيراننداڻيءَ جي ته: ”ڄيٺي، اِتهاس ۽ تبصري ٻنهي سان انصاف ڪيو آهي ،ڄيٺو سٺو مضمون نويس بنجڻ لاءِ لڳاتار ڪوششون ڪندو رهيو آهي، مان سمجهان ٿي ته هاڻ هو سنڌيءَ جي ڪامياب مضمون نويسن جي صف ۾ باعزت ويهي سگهي ٿو، هو ڪاميابيءَ جي منزل تي پهچي ويو آهي (7) .“
بقول ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي: تـُـز بياني، اثرائتي ٻولي، فنائتي پيشڪش، وشيه (موضوع) ۾ اونهو وڃڻ جي سوجهي ۽ انُ سان نڀائڻ جي قوت بيشڪ ڄيٺي لالواڻيءَ کي ڪامياب مضمون نويسن جي صف ۾ با عزت ويهي سگهي ٿو، هو ڪاميابيءَ جي منزل تي پهچي ئي ويو آهي. (8)
ڪيرت ٻاٻاڻيءَ لکيو آهي ته ”ادبي ويچار“ جي مضمونن ۾ نه صرف چونڊيل وشيه )موضوع( تي تسلي بخش اڀياس نڪري نروار ٿئي ٿو، بلڪه اها به ڪل ٿي پوي ته ڀن-ڀن ڪنڊن کان جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪيل آهي، ڄيٺو نه صرف ڪافي ذهين آهي جنهن جي ساک انهن مضمونن مان ملي ٿي بلڪ بيحد سرگرم جوان آهي. ”ادبي ويچار“ سنڌيءَ ۾ تحقيقي ادب ۾ هڪ سٺو ۽ خوش آمديد اضافو آهي“.(9) ڊاڪٽر هونداراج بلواڻيءَ جي ڪتاب ”ادبي جائزو“ ۾ چار مضمون آهن، ”ورهاڱي کانپوءِ جو سنڌي تنقيدي ادب“، ”ساهتيه ۾ سنڌ جي سار“، عام ماڻهوءَ جي آس پاس اڄ سنڌي ڪهاڻي ۽ ”اسان جو ٻال ساهت“ ڪافي معياري مضمون آهن. ٻولي به سرل آهي.
پروفيسر هيري شيوڪاڻيءَ جا ٻه تنقيدي ڪتاب ”جدت جو مفهوم“ ۽ ”جائزو“ آهن. هن جا ٻيا مضمون آهن: ”سنڌي ڪهاڻيءَ جو روپ “”چوٿين ڏهاڪي ۾ سنڌي آلوچنا“، ”گوبند مالهي ۽ سندس ناول “”سيڪس فاحشپڻو ۽ ساهتيه“ ڪيرت مهرچنداڻيءَ جا ”سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ قومي ايڪتا“، ”رومانواد ۽ سنڌي ڪهاڻي“: ”ورهاڱي بعد سنڌي غزل جو هئنڊبوڪ“ واسديو موهيءَ جو تنقيدي ڪتاب آهي. هر باب ادبي ۽ تنقيدي معياري مضمونن جي تقاضا پوري ڪري ٿو.
سنڌي ڊراما ورڪشاپ طرفان ”غزل“ تي هڪ سيمينار ٿيو هو، ان ۾ جيڪي مقالا پڙهيا ويا هئا ”رچنا“ مخزن ۾ شايع ٿيا هئا. مقالا ۽ مقالا نويس هئا ”ڀارت ۾ هاڻوڪو سنڌي غزل“ هري دلگير، ”هاڻوڪي سنڌي غزل بدلجندڙ احساس ۽ بندش“ واسديو موهي.
”ڪويتا“ مخزن ۾ نئين ڪويتا تي ڪجهه معياري مضمون شايع ٿيل آهن. ”نئين ڪويتا“، ”هري دلگير“، ”سنڌي نئين ڪويتا هيرن جي مٺ“ ”نامديو تاراچنداڻي “”سنڌي نئين ڪوتا، آس پاس ۽ پرڪريا جي وچ ۾ سنٻنڌ“، ڊاڪٽر پريم پرڪاش وغيره.
ڊاڪٽر ستيش روهڙا جو ”اوائلي سنڌي نثر جو ڀاشا وگيانڪ اڀياس“، ”لکمي کلاڻيءَ جو “سنڌي ادبي تقنيد جون نيون تقاضائون“ ڪافي سٺا ادبي مضمون آهن.
سياسي موضوع جا مضمون سنڌيءَ ۾ گهڻا قلم بند ڪيل نه آهن. اُن ۾ به گجرات جي ايڪڙ ٻيڪڙ هن قسم جا مضمون حاصل ٿين ٿا، جن ۾ هريش واسواڻيءَ جو ”ورهاڱي جي آرپار ۽ غلاميءَ جي چانڊوڪي“ ۽ ڄيٺي لالواڻيءَ جو ”ڌرم ۽ سماجواد“ وغيره ذڪر لائق آهن.
ڀارت ۾ ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيءَ جا وڌ ۾ وڌ لوڪ ادب تي مضمون قلمبند ڪيل آهن. گجرات ۾ وري لوڪ ساهتيه تي لکيل مضمونن ۾ ليلارام رُچنداڻي ڪافي سرگرم رهيو آهي. سنڌي لوڪ ناچ هو جمالو، ”سنڌين جون ريتون رسمون“، ”سنڌي سنگيت ڪلا“، ”سنڌي لوڪ وارتائون“ ڪتاب به شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ لوڪ ڪٿائن جي سفر سان گڏ اِتهاسڪ پس منظر به ڏنل آهي. گنگارام سمراٽ جو سنڌي پهاڪا ۽ غير سنڌي ٻوليون، ”ڪمل پياسيءَ جو “لوڪ ساهت ۽ ساکيون ڀڳوانداس دولتاڻي ”هوش“ جو”ٻارن لاءِ لوڪ ڪٿا“ چندرسين ناواڻيءَ جو ”سنڌي لوڪ ساز“ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جو “سنڌي ڀڳت“، ”ڪٺپتليون“، ”سانگ“، ”ڇيڄ“، ”سنڌي لاڏا“، ”سنڌي پروليون“، ”سنڌي ڏڻ“، ”سنڌي ريتون رسمون “، ” سنڌي لوڪ سنگيت“، ”سنڌي پهراس“ وغيره جدا جدا لوڪ ادب جي موضوعن تي ڌيان ڇڪائيندڙ مضمون قلمبند ڪيا آهن، جيڪي هند، سنڌ جي معياري رسالن جي سونهن بڻيا آهن ته وري ڪتابي صورت ۾ به شايع ٿيا آهن.
شاهه سچل ۽ ساميءَ ۽ ٻين عالمن اديبن تي لکيل مضمونن ۾ هاسارام پيئا جو ڪتاب ”سچل“ ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. ٻيا مضمون آهن: ليلارام رُچنداڻيءَ جو ”شاهه جي ٻولي“، هري دلگير جو ”سچل اڄ جي حوالي ۾“، ڊاڪٽر ستيش روهڙا جو ”سچل جي ڪلام ۾ قومي ايڪتا“، ڀڳوانداس هوش جو ”سچل جي ڪلام ۾ سنگيت“ ليلارام رُچنداڻي جو ”سامي هڪ عوامي ڪوي“، هري دلگير جو ساميءَ جي شعر جي پر نه. ڀڳوانداس دولتاڻي هوش جو ”ساميءَ جي ڀڳتي“ وغيره. هوش جا ساميءَ تي نڪتل ڪتاب ”جاني جهروڪن ۾“ ۽ ”شاهه جي ڪلام ۾ رس ۽ سنگيت“ کي به وساري نٿو سگهجي.
ڪوي ڪشنچند بيوس تي پڻ انيڪ ادبي مضمون ۽ مقالا شايع ٿيل آهن، جنهن ۾ غور طلب آهن: ”بيوس ۽ آزاديءَ جي هلچل“: دادا هوند راج ”دکايل“؛ بيوس جي شعر ۾ علم عروض: دادا هري؛ ”دلگير“ بيوس جي ڀاشا ۽ مرڪبي گهڙت: ڊاڪٽر ستيش روهڙا ۽ ليلارام رُچنداڻي جو ”بيوس جي شعر ۾ سماجڪ حقيقت پرستي“ وغيره.
ٻين به ڪيترن اديبن تي ڪن ليکڪن جا مضمون لکيل ملن ٿا، جهڙوڪ ارجن حاسد، ڊاڪٽر پريم پرڪاش، ڊاڪٽر ستيش روهڙا، ليلارام رُچنداڻي، ڀڳواداس دولتاڻي هوش، ڪيرت مهرچنداڻي، جَينتَ ريلواڻي، لکمي کلاڻي، پروفيسر هريش واسواڻي، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، تيج ”قابل“ ڀڳوان ”نردوش“ ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي، اندرا واسواڻي وغيره. ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي ،ارجن حاسد، هري دلگير، واسديو موهي وغيره جي جيون، فن ڪاريه تي جدا جدا ڪتاب پڻ شايع ٿيل آهن.
سنڌي ٽائيمس وارن ”شاعر شيام“ ڪتاب شايع ڪيو آهي ، جنهن ۾ ”نارائڻ شيام جي ڪوتا ۾ جماليات“: ارجن حاسد؛ ”نارائڻ شيام جي ڪوتا جو انتر درشن“، هريش واسواڻي، ”فارسي علم عروض“، هري دلگير؛ ”نارائڻ جي ڪويتا جو سانسڪرتڪ ملهه“: نامديو تارچنداڻيءَ جا مقالا درج ٿيل آهن. گجرات سنڌي ساهتيه اڪادميءَ طرفان ”نارائڻ شيام هڪ اڀياس“ ڀڳوانداس دولتاڻي ”هوش“ جو لکيل ڪتاب شايع ٿيل آهي ته وري ”هري دلگير هڪ اڀياس“ ڀڳوان ”نردوش“ جو ڪتاب شايع ٿيل آهي .
سير سفر تي ڇپيل ڪتاب ۽ مضمون به آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس آهن. انُهن ۾ لکمي کلاڻيءَ جو ”من جا محل کنڊر“ جنهن ۾ هن ڪيرو کان وٺي لنڊن تائين جن به يورپي ملڪن جو سير- سفر ڪيو ، اُن جو من موهڪ احوال ڏنو آهي، ٻئي طرف لکميءَ تي ”ڪونج“ جي ڪن پرچن ۾ گوئا جو ياترا احوال به قلمبند ڪيو آهي. ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جو ”مور نه وسران سنڌ“ سچائي هفتيوار ۾ قسطن ۾”امن جا پکي اڏُاڻا سنڌ“ سنڌين جو سنسار مخزن ۾ سلسليوار سنڌ جي زيارت جو وسيلي ٻوليءُ ۽ اُتان جي لوڪن جون ڳالهيون، گڏو گڏ ڪن ادبين جون جيون جهلڪيون سان سنڌ جو سهڻو چتر چٽيو آهي. اهڙو ئي عمدو ۽ قيمتي ڪتاب آهي ڊاڪٽر موتي پرڪاش جو ”جي سڀ سانڍيم ساهه سين“ جنهن ۾ سنڌ جي ماڻهن جي سڪ، مهمان وازي جو سهڻو عڪس ملي ٿو.
ڀارت ۾ سنڌي تنقيد نگاريءَ به وڏي پئماني تي ترقي ڪئي آهي، اُنهن تنقيدي مضمون نگارن ۾ گجرات جا اديب هريش واسواڻي، هيرو شيوڪاڻي، ليلارام رُچنداڻي مک آهن، جن جا ڪجهه ڪتاب هن ريت شايع ٿيل آهن. هريش واسواڻيءَ جو ”تنقيد“؛ هيري شيوڪاڻيءَ جو ”جدت جو مفهوم۽ جائزو“، ليلارام رُچنداڻيءَ جا ”قاضي قادن سنڌي نظم جي تاريخ“ ۽ ”سنڌي ساهت ۾ مذاق“؛ ڪمل پياسيءَ جو ”شاهه لطيف، هڪ فنڪار“؛ اندر ڀوڄواڻيءَ جا ”علم عروض“، ”فن شاعريءَ“، ڀڳوانداس هوش جو ”سنڌي شعر ۽ ڇند“ ۽ ”سنڌي شعر ۾ علم عروض ۽ النڪار“، پريم پرڪاش جا ”ڪوتا“، ”ڪهاڻي“، ”سنڌي ناٽڪ“ هيري شيوڪاڻيءَ ڪوتا ۽ ڪهاڻيءَ تي به گهڻو ڪجهه لکيو آهي، گجرات سنڌي ساهتيه اڪادميءَ طرفان شايع ڪيل”بهترين سنڌي ناٽڪ“ ايم، ڪمل ۽ برج موهن جي ڪتاب ”بندوبست“ ۾ هريش واسواڻي، تجرباتي ناٽڪ ۾، ڊاڪٽر پريم پرڪاش ڪافي معلوماتي ڄاڻ ميسر ڪئي آهي. لوڪ ساهت تي ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جو ”ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت“؛ ”سنڌي ناٽڪ نويسيءَ جي اوسر (1980-1880)“ ڊاڪٽر پريم پرڪاش؛ سنڌي ٻال ساهت ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي؛ پوپٽي هيراننداڻيءَ جي ”ڪٿا ساهتيه ۾ ناري ڪردار“، ڊاڪٽر ورشا اوڌوداساڻي وڏا تحقيقي مقالا۽ ڊاڪٽوريٽ ٿيسز پڻ شايع ٿيل آهن.
”بيوس جو شعر“ ۾ هري دلگير بيوس جي شاعريءَ تي ڪافي روشني وڌي آهي ، ”جديد سنڌي شعر“ ڊاڪٽر ستيش روهڙا جو ادبي ۽ تنقيدي مضمون آهن.
مخزن ”ڪونج“ طرفان شايع ٿيل ”نوان افُق“ ۾ گجرات جي هريش واسواڻي، هيري شيوڪاڻي، پريم پرڪاش جا مضمون شامل آهن. چوئٿرام لالچنداڻيءَ جو تنقيدي مجموعو ”سپن منجهه سرهاڻ “1998 سنڌي ادب ۾ اهم ڪتاب آهي جنهن ۾ نون توڙي برک اديبن جي گوناگون ڪتابن جو تنقيدي جائزو پيش ڪيل آهي. سنڌيءَ ۾ ٻين موضوعن تي به چڱي تعداد ۾ مضمون شايع ٿيل آهن جن ۾ اصلوڪا ۽ انواد شامل آهن .”اخبارن جي اهميت ۽ اِتهاس“ رام ڀاڳچنداڻي گيان ؛ڳوٺاڻي ڪچهري، لالجي سوٽهڙ؛”ڍولا مارو ۽ عمر مارئي“ ۽ ”پهاڪن جي پيڙهه“، ”سنڌي ڀاشا تي الڳ الڳ ڌرمن جو اثر“ ۽ ”موپاسان جون ڪهاڻيون“، ”ليلارام رُچنداڻي؛ “”سنڌو ندي ۽ سنڌ جو اتهاس،“ ”ڪڇ جو ڪبير“ ۽ ”ڄام لاکيا ڀڙ“ خانچند کوڙاڻي، ڪيرت مهرچنداڻيءَ جو ”پکڙيل گل“ اهم مضمون آهن. سڀ مضمون هن جي جدا جدا حالتن سان واسطو رکن ٿا. ميول آهوجا جو ”پشپ مالها“، بي، ايڇ. آڏواڻيءَ جو ”پنکڙيون“، ڄيٺي لالواڻيءَ جا ”اڄ جا وديارٿي“، ”شاديءَ جو اهم مسئلو“، ”لئبرري“، ”شانتي“ ۽ آنفتڪواد(دهشت) وغيره مضمون اسڪولي ۽ ڪاليجي ڍنگ جا آهن. موتيلال بٽاڻيءَ جو ”سنت ساهتيه ۽ اتهاس“ 1965 ۾ شايع ٿيل آهي .”اصلي زيور ۽ سونارا“ ۾ سنڌين جي زيورن جو لاثاني ذڪر آهي .
آسن واسواڻي مجبور جو ”معاف ڪجو“ مذاحيه ۽ طنزيه ليکن جو مجموعو آهي. ان جو ذڪر لائق ليک آهن ”ڪتن جا ڪرتوت“، ”دينبن جي ڪانفرنس“، ”موڊ ڪونهي“، ”گنجن جي ڪانفرنس“، ”سوير اٿُڻ جي بيماري“، ”هميشه اُڌارو وٺندڙ“، ”شاعر ۽ سندس تخلص “وغيره.
ڄيٺي لالواڻيءَ جا ”نذرانو“ ۾ شايع ٿيل مضمون شاعر ٿيڻ جا سولا نسخا ۽ ”چور شاعر“ پڻ مذاقي ۽ طنزيه ليک آهن.
ناٽڪ، اداڪاري، چتر ڪلا تي پڻ سنڌيءَ ۾ ڪجهه ڪتاب شايع ٿيا آهن. ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ ان موضوع تي وڌ ۾ وڌ مثالي، فني ۽ معياري ڪتاب ڏنا آهن، ناٽڪ ۽ رنگ منچ ڪلا (1981)، ناٽڪ ڪلا جو وڪاس( 1983)سنڌو ناٽيه درشن (1984) وغيره، ارجن ڀمڀائيءَ جو ناٽڪ ۽ اداڪاري (1983) ، گهنشيام ساگر جا ڪلا جڳت ۽ ڪلا درشن، ناٽڪ ۽ رنگ منچ ڪلا ۾، سترهن موضوعن تي قلم هلايو ويو آهي. ڪلا ڇا آهي؟ ڪلا ۽ ساهت، ناٽڪ ڇا آهي؟ ناٽڪ جا ڀيد ،فلم ۽ رنگ منچ، ايڪانڪي ناٽڪن جا جزا وغيره درج ڪيل آهن گڏوگڏ ائبسرڊ ناٽڪن بابت به ويچار پيش ڪيل آهن.
ڄيٺي لالواڻيءَ جو ئي لکيل ”ناٽڪ ڪلا جو وڪاس“ حقيقت ۾ سنڌي ناٽڪن جو احوال، اتهاس چئي سگهجي ٿو. سنڌو ناٽيه درشن ۾ ريڊيو ناٽڪ، ٽي. وي ناٽڪ، تجرباتي ناٽڪن، ٻال ناٽڪن وغيره جو تفصيلوار ۽ معلوماتي ذڪر ڪيل آهي.
گهنشيام ساگر جو ”ڪلا جڳت“ ۾ ڪلا جي وصف چتر ڪلا جا تتوَ، چتر ڪلا وڪاس وغيره بابت ڪارائتي ڄاڻ ڏنل آهي .”ڪلادرشن“۾ به چتر ڪلا جي باري ۾ ئي ڪلا جي ڌارائن جو ذڪر ڪيو آهي، پر جديد چتر ڪلا کي ڇهيو به نه آهي.
ارجن ڀمڀاڻيءَ جي ۾”ناٽڪ ۽ اداڪاري“ ۾ ناٽڪ ۽ اداڪاري، ناٽڪ گهر ۽ منچ، درشڪ ۽ ڪلاڪارن جي چونڊ ڌيان ڇڪائيندڙ مضمون آهي.
گجرات سنڌي ساهتيه اڪادمي، گانڌينگر طرفان ساهتيڪ رسالي ”ادبي چمن“جي اشاعت 1984 ۾ ڪئي ويئي جنهن جي جا ايڊيٽر هري دلگير ۽ سترامداس ’سائل‘ رهيا .
اُن بعد سنڌي ساهتيه اڪادميءَ جي وجود ۾ اچڻ سان 1987 کان نيمائتو ”ادبي چمن“ رسالو شايع ڪيو ويندو آهي. هر سال چيٽي چنڊ جي موقعي تي اشاعت ٿيندي آهي،1987 کان وٺي اڄ ڏينهن تائين شايع ٿيل مخزن ”ادبي چمن“ جي ادرات ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ کي سونپيل آهي. وچ ۾ ڪن شمارن جي ادرات. هوندراج بلواڻي ڀڳوان نردوش، آنند ٽهلراماڻي ۽ ٻين ڪئي .
ڊاڪٽر لالواڻيءَ وڌ کان وڌ پرچن جي نيمائتي جوابداري سنڀالي آهي .معيار طرف خاص جوڳو ڌيان ڏنو آهي. جداجدا پرچن ۾ مضمون پڻ شامل هوندا آهن جن ۾ گجرات جي اديبن سان گڏ ڀارت ڀر جي برک مضمون نگارن جا تحقيقي معياري مضمون، مقالا پڻ شايع ڪيا ويندا آهن. وقتي خاص پرچا پڻ هوندا آهن. مثال 1988 شماري ”اڀياس“ ۾ ڪي .ايم. منشيءَ جي جيون، شخصيت ۽ رچنائن تي خاص ليک، مضمون، مقالا درج ڪيا ويو. 18 مضمونن مان 9 مضمون گجرات جي اديبن جا قلمبند ڪيل هئا، ساڳئي ئي پرچي ۾ ڪڇي، سنڌي لوڪ ادب تي ”ست مضمون ۽ مقالا شامل ڪيا ويا جن ۾ پنج گجرات جا مضمون نويس هئا. گذريل ڏهاڪي جو 1977 کان 1988 تائين سنڌي ادب جو جائزو ورتو ويو ، جنهن ۾ ٻال ساهت، ڪهاڻي، مضمون، آلوچنا ۽ ناٽڪ وشيه جو جائزو“ ورتو ويو. جنهن ۾ ”ڪهاڻي“ ليلارام رُچنداڻي ۽ ”مضمون “۽ مقالا ساڳئي ئي شماري ۾ شايع ڪيا ويا.
10جنوري1989 تي برک شاعر نارائڻ شيام جي اوچتي لاڏاڻي سبب اُنهن کي شرڌانجلي (ڀيٽا) ڏيڻ لاءِ 1989 پرچي ۾ ”هر دل عزيز نارائڻ شيام“ تي خاص پرچي ۾ مضمون شامل ٿيا تن ۾ : هستيواد جا مفڪر،( ليلارام رُچنداڻي)، تامل ساهتيه ۾ سنڌي لوڪ ڪٿا، (گنگارام سمراٽ)، رويندر ناٿ ٽئگور( بي. ايڇ آڏواڻي )ويهين صديءَ جي چترڪلا( نامديو لاڏلا) ڳجهارتون( لالجي سوٽهڙ) وغيره.
1990 ع جي پرچي ۾ اڪادميءَ شاهه لطيف تي سيمينار ڪيو هو ،اُن ۾ پڙهيل مقالا شايع ڪيا، جنهن ۾ ”شاهه جي ڪلام، ۽ خيال جي اُڏام“ (پروفيسر هيرو شيوڪاڻي) شاهه جي فڪر جي اُڏامي: ( ليلارام رُچنداڻي) شاهه ۽ چنگ ، (ڀڳوانداس هوش) جا مقالا درج رهيا .1991 جي پرچي جا معياري مضمون رهيا ”سنڌو سنسڪرتيءَ ۽ گجرات“ گنگارام سمراٽ ۽ هيري شيوڪاڻيءَ جو ”موجود سنڌي ڪهاڻيءَ جو روپ“.
1998ع جو پرچو: ايڊيٽر آنند ٽهلراماڻي ۽ معياري مضمون رهيا، ” سنڌي ليکڪن جون ٻين ٻولين ۾ چوڻيون“، جينت ريلواڻي”ورهاڱي کانپوءِ سنڌي نظم جو موڙ “ (ڪمل پياسي).
1999ع وارو پرچو: ايڊيٽر نرمل گوپلاڻي: خاص مضمون ادبي طرز جا ”بيوس جي شعر جي اهميت“ (نامديو تاراچنداڻي) شاهه عبدالطيف (جينت ريلواڻي ).
2000ع جي رسالي ايڊيٽر ڄيٺو لالواڻي: گجرات سنڌي ساهتيه اڪادميءَ طرفان هند، سنڌ جي عظيم گائڪ، موسيقار ماسٽر چندر تي سيمينار ڪيو ويو هو، اُن ۾ پڙهيل مقالن جو خاص پرچو ”ماسٽر چندر“ نالي منسوب ڪيو ويو، جنهن ۾ ”ماستر چندر سنڌي جوانن جو دل جي ڌڙڪن جو آواز“ (ڊاڪٽر موتي پرڪاش) ”چندر گهراڻو“ (ارجن حاسد)، ”ماسٽر چندر سنگيتڪار“ (ارجن ڀمڀاڻي) مقالن سان گڏ هن شماري ۾ ٻيا جيڪي معياري ادبي مضمو ن شايع ڪيا ويا هئا، ”هند ۽ سنڌ ۾ هاڻوڪو غزل“ (واسديو موهي ) موضوع ۽ پيشڪش جي حوالي سان هن جي نئين ڪويتا ۽ سنڌ جي نثري نظم جي موجود سمي ۾ اڀرندڙ چهرو ڊاڪٽر پريم پرڪاش.
1990ع خاص نمبر ”شاهه لطيف سيمينار جا مقالا“ ايڊيٽر ڄيٺو لالواڻي، خاص مضمون: ”پرسرام ضيا هڪ اعليٰ سخن ور“ (بي. ايڇ. آڏواڻي) سوراشٽر ۾ سنڌين جون رياستون،( گنگارام سمراٽ)” انگريزي ادب ۽ ٽوڪبازي“ (نامديو لاڏلا) لوڪ گيت (لالجي سوٽهڙ).
1992ع ايڊيٽر ڄيٺو لالواڻي ۽ شامل مضمون: سنڌ ۽ ڪڇ جا سنٻنڌ، روپ ريکا (گنگارام سمراٽ) اندر ڀوڄواڻيءَ جي جمالياتي شاعريءَ ۾ مشاهدي جي قوت(ڀڳوانداس دولتاڻي هوش) ”سنڌي ادب ۾ پيشڪش جا تجربا“ (ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي) ”ڪڇ ۾ سنڌو سنسڪرتي“ (تيج قابل).
1994ع ايڊيٽر: ڀڳوان نردوش: لطيف شناسي انگريزي ڀاشا ۾ (ڪمل پياسي) ”سنڌي لوڪن جو پهراوَ“ ڄيٺو لالواڻي ”جديد سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ سنڌي جيوت“ ( جينت ريلواڻي ).
1996ع جي رسالي ۾ ڇپيل مضمون: ايڊيٽر هوندراج بلواڻي ۽ وڪرم شهاڻي، مضمون: سنڌو سنسڪرتيءَ جو هڪ نئون رتن ڍولا ويرا (هري درياڻي)سنڌي سنت ساهت ۽ پرمپرا ( گنگارام سمراٽ) ”ريڊيو ناٽڪ لکڻ ڪلا“ (وڪرم شهاڻي) سنڌي ٻال ناٽڪ جي اوسر (منوهر نهالاڻي ) ”مڻڪو“ ڪوتائون، واسديو موهيءَ جي ڪتاب تي تنقيد، (تيرٿ چانڊاڻي).
2-2001 ع پرچي جو ايڊيٽر آتمارا گوپلاڻي، ويڙهو رفيق ۽ گهنشيام ساگر شامل مضمون: سنڌي ٻال ناٽڪن جا مسئلا ۽ حل، (لکمي کلاڻي) ”ميڊيا جو ساهتيه جي ڦهلاءَ ۾ يوگدان“ (ويڙهو رفيق)، ”وديش ۾ ٻُڌ مت جا پرچارڪ ۽ ڀڪشو“ (گنگارام سمراٽ) ڀڳت ڀوائيءَ ۾ هڪ جهڙائي (ايم.وي. ڀيماڻي) جديد سنڌي ڪهاڻي، (نامديو تاراچنداڻي ).
شمارو 3-2002 ع ايڊيٽر هوندراج بلوا ڻي ۽ نامديو تاراچنداڻي، خاص ادبي مضمون آهن: ”سنڌ جي اتهاس جا ذريعا“ (ليلارام رُچنداڻي) ”سنڌي ادب ۾ تنقيد هڪ جهلڪ“ (ڊاڪٽرستيش روهڙا) ”ملينيم آف سنڌي لئنگويز“ (ڊاڪٽرڄيٺولالواڻي) ”لوڪ ادب ذريعي سنڌيت جي سرهاڻ“ (لکمي کلاڻي) ”ممتاز مهر جون ڪهاڻيون ستر )تنقيد(“ (نامديو تاراچنداڻي).
شمارو 2006ع ايڊيٽر ڄيٺو لالواڻي: هن پرچي ۾ ذڪر جوڳا مضمون آهن ادبي ڪٿ، (ايشور ڀارتي)، ڀارت جي بدلجندڙ تصوير حشمتراءِ هرواڻي قديم سنڌ (جينت ريلواڻي)، سنڌي، جاتي انيڪتا ۾ ايڪتا (ڊاڪٽر موتي پرڪاش) شمارو 2008ع ايڊيٽر ڄيٺو لالواڻي، آزاديءَ جي هلچل ادب جو خاص شمارو جنهن ۾ ڀارت جي هلچل ۾ سنڌين جو يوگدان (ڪماري ڀاونا ڪانيج) آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڪوي هوندراج دکايل جو يوگدان (ڪماري ڀاوتا ڪانيجا)، آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڪوي هوندراج دکايل جو يوگدان. (ڪرشناڀمڀاڻي) ، سنڌي شاعريءَ ۾ ديش ڀڳتي ڊاڪٽرڄيٺولالواڻي، گجرات جا سنڌي آزاديءَ جا سپاهي، ڪنعيا لال گوپلاڻي مضمون ڌيان طلب آهن.
شمارو2009 ع ايڊيٽر ڄيٺو لالواڻي، مضمون: پدم شري هوندراج ”دکايل“ جو خاص شمارو ۽ مضمونن، مقالن ۾ روايت کان طرف بدلاو جي ڪٿا ڪلاتمڪ پيشڪش ۽ معيار جي حوالي ۾ (واسديو موهي) سنڌي ساهتيه جي وڪاس ۾ آڪاشواڻيءَ يوگدان، ريڊيو ناٽڪ، (ويڙهو رفيق).
شمارو 2010ع، ايڊيٽر ڄيٺو لالواڻي: سنت ڪنور رام جي سوا سئو جنم جي موقعي تي خاص پرچي ۾ انيڪ مضمون ڏنل آهن، گجرات جي اديبن جا معياري معلوماتي مضمون آهن: سنت ڪنورارام. (هوندراج دکايل)، سائين ڪنوررام جي ڀڳت جوتاڃي پيٽو (ڊاڪٽرڄيٺو لالواڻي)، سونهاري سنڌڙيءَ جو سر تاج امر شهيد ڪنور، (نرمل گوپلاڻي) ٻين مضمونن ۾ غور طلب آهن. سنڌي ڪوتا-شاعري ۾ بعد جديدت- (واسديو موهي )، ڪڇ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي صورتحال (ڪلاڌر متوا)، سنڌي شعر ۾ قدرتي چٽ، (سي. ٽي. گيانچنداڻي)، سنڌي لاڏا- (وليرام ڪشناڻي).
”ادبي چمن“ جا ڪجهه شمارا سنڌ جي اديبن کي سوکڙي طور موڪليا ويا هئا، جيڪي ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جا ايڊٽ ڪيل هئا. سنڌ جي انيڪ اديبن، ادبي چمن جي ڀرپور ساراهه ڪئي ۽ انهن جا رايا ادبي چمن 1992ع ۾ شايع ڪيل آهن. هڪ مضبوط سگهارو رايو پيش آهي آءَ هن رسالي کي مهراڻ جي معياري جو رسالو سمجهان ٿو هن رسالي ۾ بهترين مضمون مقالا .
ڪهاڻيون ۽ شاعري شامل آهن. اڪادميءَ ايڏو معياري عظيم ڪم هٿ ۾ کنيو آهي. مبارڪون” ڊاڪٽر غلام علي الانا“ سنڌ يونيورسٽ(10) تاثرات: شروعاتي دور جي مضمونن ۾ سادگيءَ سان سنئين سڌي نموني خيال ظاهر ڪيا ويا آهن ۽ مقصد بيان ڪرڻ تي زور ڏنل آهي.
سترامداس ۽ ڪيرت مهرچنداڻيءَ جا مضمون تعلمي، اخلاقي قسم جاآهن. هو بلند پايي جا درسي مضمون نويس هئا.
ليلارام رُچنداڻيءَ وڌ ۾ وڌ مضمون نويسيءَ تي ڪلڪراني (طبع آزمائي) ڪئي آهي هن هر قسم جا مضمون جوڙيا آهن پر ادبي ۽ تحقيقي مضمونن جو انداز وڌيڪ آهي. هن جي مضمونن ۾ خارجيت داخليت جو حسين امتزاج آهي. هن خارج موضوعن کي داخلي رنگ ڏيئي انوکي اسلوب سان اُن کي بيحد موثر بڻايوآهي .
ليلارام پڻ بهترين مضمون نويس رهيو آهي.
گجرات مان شايع ٿيندڙ مخزنن چوڏس، ڇوليون، ڪوتا، سنگيتا، اسٽيج، ادبي چمن وغيره مضمون نويسيءَ کي وڌائڻ ۾ ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. هنن رسلان ۾ فطري نظارن، انساني زندگين کي به مضمونن جي رنگ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ڪن مخزنن ۾ طنز ۽ مزاح به آهي.
ادبي چمن، ڪوتا ۾ ڪيترائي معلوماتي ۽ ادبي مضمون شايع ٿيا آهن . ”اسٽيج“ ۾ ناٽڪن فن، لوڪ ڪلائن، سان وابسته معياري ۽ معلوماتي مضون شايع ٿيل آهن ”رچنا“ مخزن ۾ پروفيسر هريش واسواڻيءَ ڪوتا (شاعريءَ) لاءِ هڪ سلسلو هلايو: ”نئين ڪوتا جي لئبارٽري ٽيسٽنگ“ جنهن ۾ ڪنهن به هڪ شاعر جي ڇپيل ڪتاب تي ادبي اوک ڊوک، ڇيد ڪيو ويندو هو. گجرات مان شايع ٿيندڙ ٻين رسالن، اخبارن ۾ به ڪيترائي سياسي، ڌرمي، اخلاقي، قسم جا بهترين مضمون شايع ٿيل آهن.
جدا جدا مخزنن، رسالن، اخبارن ۾ شايع ٿيل مضمونن جي اديبن چونڊ ڪري مضمونن جا ڳٽڪا شايع ڪيا آهن جن مان ڪجهه مجموعا تعليمي ضرورت کي پورو ڪن ٿا، اڪثر اُهي مضمون آهن جن ۾ معلومات به آهي ته اخلاقي درس به آهي.
گجرات جي مضمونن ۾ ڳوٺاڻي زندگيءَ بابت گهٽ پر شهري زندگي وڌيڪ اجاگر ٿيل آهي.
سير و سفر جا دلچسپ، معلوماتي ۽ سبق آموز حالات بيان لکمي کلاڻي، تيج قابل ۽ ڊاڪٽر نند ايسراڻيءَ ڪيا آهن .ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ ڳوٺن، شهرن، پهاڙن، سنڌ جي مشهور شهرن ،بزرگن، آسٿانن، درگاهن جو احوال ”مور نه وسران سنڌ“ ۽ ”سنڌو درشن ياترا“ ۾ ڏنو آهي.
مزاح، طنز جي ڏس ۾ شري ليلارام چنداڻي، آسن واسواڻي، ڄيٺو لالواڻي، گهنشام ساگر ۽ موتيرام رامچنداڻي اڳرارهيا آهن. هنن جا مضمون خارجي قسم جا آهن. هنن جي اندازي بيان ۾ سختي تلخي ۽ هجو آهي. گنگارام سمراٽ جا ڌارمڪ ۽ تاريخي معلومات ڏيندڙ مضمون آهن. جينت ريلواڻيءَ گجرات، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، سئوراشتر کي کڻي نيم تواريخي سياسي ۽ ناتن کي کڻي ڄاڻ ڏيندڙ مضمون رهيا آهن.
سنڌ جي تهذيب، ساروڻي، سنسڪرتيءَ تي ڪافي شاهڪار مضمون آهن جن ۾ معلومات جو خزانو سمايل آهي. داخلي رنگ سان ڀرپور آهن.
نون مضمون نويسن سماجي مسئلن ۽ سائنسي ڳالهين کي سولي ۽ دلڪش انداز ۾ بيان ڪيو آهي. دادا هونداراج دکايل جي ڪن مضمونن ۾ سنڌي ڳوٺاڻي زندگي ۽ زراعتي ڄاڻ ملي ٿي. هن قسم جا مضمون هن جي ادرات ۾ شايع ٿيندڙ اخبارن ۾ ملن ٿا.
ڊاڪٽر پريم پرڪاش، ارجن حاسد، واسديو موهي، نامديو تاراچنداڻي، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي محقق ۽ مقالا نويس آهن. هنن به مقالن سان گڏ مضمون به لکيا اٿن. ليلارام رُچنداڻي، ڀڳوانداس دولتاڻي هوش. اندرڀوڄواڻي، ڊاڪٽر ستيش روهڙا، پروفيسر هريش واسواڻيءَ جي مضمون مان سندس وشال اڀياس، اوچ ويچار، ڇيدي عبارت جا درشن ٿين ٿا. برجستگي، وسعت، گوناگونيت سان گڏ گهرائي پڻ آهي.
ڪمل پياسيءَ، پکين، جيو، جنتن سان گڏ ڌرمي آتم چيتنا، گيتا وغيره جهڙن وسين تي مضمون لکيا آهن.
ٻارن جي موضوع ۽ سنڌي ٻال ادب تي ڊاڪٽر هوندراج بلواڻيءَ سرل ۽ سڌي ٻوليءَ ۾ انيڪ مضمون جوڙيا آهن.
ڪن مضمونن ۾ اسان کي عالمي امن، انساني برابري، ڀائيچاري، انسان جي آزادي ۽ ترقي پسند ويچار ڌارا جا درشن به ٿين ٿا.
گجرات ۾ مرد ادبين سان گڏ عورت ليکڪائن پڻ مضمون قلم بند ڪيا آهن جن ۾ اندارا واسواڻي، ومي سدا رنگاڻي، انيتا ڪيولراماڻي، مينا شهدادپوري ۽ سروج ڀارواڻي مکيه آهن.
گجرات ۾ گذريل پنجاهه سالن ۾ مضمون نويسيءَ جي کيتر ۾ جيڪي مضمون نگار سڀ کان وڌيڪ سرگرم رهيا آهن سي آهن: حشمت هرواڻي، رامداس لکاڻي، رام لعل ڀاٽيا، گنگارام سمراٽ، اندر ڀوڄواڻي، ڀڳوانداس دولتاڻي هوش، لکمي کلاڻي، ڪمل پياسي، ليلارام رُوچنداڻي، ڄيٺو لالواڻي، هوندراج بلواڻي، هاسارام پيئا، گهنشيام ساگر. ڪشن خوبچنداڻي، سترامداس سائل، بي. ايڇ آڏواڻي، هريش واسواڻي، پريم پرڪاش، واسديو موهي، ڊاڪٽر ستيش روهڙا، جينت ريلواڻي ۽ ٻيا.
گجرات جي سنڌي ليکڪن سياست، ڌرم، فيلسوفي، ادبي تنقيد، اتهاس ،ٻولي، ڪلا، سنسڪرتي، سير سفر، استري سنسار وغيره جي موضوعن تي ڪلڪراني ڪئي آهي.
گجرات ۾ ڀارت جي سنڌي اديبن جيان تخليقي ساهت ڪوتا، ڪهاڻي، ناٽڪ ۽ ناول تي وڌيڪ ڌيان ۽ زور رهيو آهي .مضمونن طرف ڌيان گهٽ آهي پرجيڪي به جنهن به قسم جا مضمون قلم بند ڪيا ويا آهن انهن جي معيار جي سطح ۾ اضافو نظر اچي ٿو .
موضوعن ۾ چٽائي ۽ تڪ تور ۾ پختا نظر اچن ٿا.مضمون نويسيءَ جو تخليقي ميدان خوبصورت ۽ وسيع آهي. ڏينهون ڏينهن وڌندڙ پختگي گجرات جي سنڌي مضمون نويسيءَ جو گڻ آجيان لائق آهي.
حوالا